خروشتي رسم الخط (Kharooshti Script) يا کروشِتي جي ارتقا افغانستان ۽ پاڪستان جي مٿاهين علائقن ۾ ٿي. اها سنسڪرت کان اڳ واري دور ۾ گنڌاري پراڪرت ٻولي لکڻ لاءِ استعمال ۾ آندي وئي هئي. اها رسم الخط ٽئين صدي قبل مسيح جي ڌاري لکت ۾ آئي. اڳتي هلي ٽين صدي عيسوي ۾ ختم ٿي. ان رسم الخط ۾ گنڌارا تھذيب جي دور ۾ ”ڪشن“ شھنشاهت جي زماني ۾ ترقي ورتي. اها ساڄي–کاٻي بہ لکي ويندي هئي تہ کاٻي–ساڄي بہ لکي ويندي هئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.