خدا آباد

سنڌ جو ڪلھوڙن جي دور ۾ گاديءَ جو هنڌ

خدا آباد : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جو ھڪ ننڍڙو شھر.خدا آباد کي يار محمد خان ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت جو تختگاهه بڻايو. ڪن روايتن مطابق ان جو پراڻو نالو شڪارپور پنهواري هو. خدا آباد کي ڪلهوڙن وڏي ترقي ڏني، اڄ به پنجاهه ايڪڙن تي ڦٽل شهر موجود آهي. ٻه عمارتون، هڪ جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو صحيح صلامت آهن، جيڪو ميان غلام شاهه جوڙايو هو.[1].

خدا آباد
Khudabad
خدا آباد جي تاريخي جامعه مسجد جو ھڪ منظر
خدا آباد جي تاريخي جامعه مسجد جو ھڪ منظر
خدا آباد is located in سنڌ
خدا آباد
خدا آباد
جاگرافي بيهڪ: 26°23′N 67°27′E / 26.39°N 67.45°E / 26.39; 67.45
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
بلندي 31 ميل (102 ft)
جامعه مسجد خداآباد جو مرڪزي دروازو

خداباد انگريزي (Khudabad) سنڌ جي ضلع دادو جو قديم شهر آهي جيڪو دادو جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اندس هاءِ وي سان قائم آهي. مغلن جي دور ۾ تڏهوڪي ملتان جي گورنر شهزادي معزالدين ڪلهوڙن جي مرڪزي شهر ڳاڙهي (هاڻ خيرپور ناٿن شاھ تعلقو) تي لڳ ڀڳ 1799ع يا 1700ع ۾ حملو ڪيو هو. ٻنهي ڌرين جي فوجن ۾ گاج ڪناري کوڙ (ٽوڙ) جي مقام تي سخت جنگ لڳي جنهن ۾ ٻنهي پاسي وڏا جنرل ماريا ويا. تحفته الڪرام جي مصنف ميرعلي شير قانع موجب علائقو رت سان لت پت ٿي ويو هو. ميان يار محمد ڪلهوڙو گرفتار ٿيو ۽ ملتان ۾ 28 ساٿين سان شهيد ڪيو ويو ۽ ميان يارمحمد ڪلهوڙو پيش پوڻ بجاءِ قلات هليو ويو. ڪجهه عرصو قلات ۾ رهڻ کان پوءِ ميان يارمحمد واپس سنڌ آيو ۽ ڳوٺ ڳاها کي مرڪز بڻائي زور وٺڻ شروع ڪيو. ميانوال ڪمانڊرن ۽ ڪارنن جي مدد سان سامتاڻي، مرکپور، فتحپور (دادو تعلقي ۾ اڄ به اهي ڳوٺ آهن) قبضي هيٺ آندائين. 1701ع ۾ مغل شهنشاهت جو پروانو ۽ خدايارخان جو خطاب حاصل ڪري پنهورن جي ڳوٺ “شڪارپور پنهورڪيءَ” تي اثر قائم ڪري اُتي خداباد جي نالي سان نئون شهر ٻَڌائين جيڪو تاريخ ۾ خداباد-1 جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ ڪلهوڙن جو پهريون وڏو تخت گاھ رهيو آهي. هن شهر جي باري ۾ ڪيترن ئي محققن ۽ مورخن جا بيان ملن ٿا ته هن شهر ۾ حڪمرانن جي حويلين سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي خوبصورت عمارتون جڙيل هيون. هيءُ شهر وڏي ايراضيءَ تي ڦهليل هو. هن شهر ۾ گلن جي باغن سان گڏوگڏ مختلف ميون جا باغ به هئا. سنڌ دريا جي وجهو هجڻ ڪري واپار جو مرڪز به هو. هن شهر ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جامع مسجد جو بنياد رکيو جنهن جو ڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي مڪمل ڪرايو. هيءُ مسجد طرز تعمير جو اعلى نمونو آهي. هن جي ديوارن تي اسلامي ۽ مغل آرٽ جي اثر هيٺ بهترين چٽسالي ٿيل آهي. هن شهر جي ويجهو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو به موجود آهي. هت ريلوي اسٽيشن پڻ آهي.[2][3]

ميان يارمحمد ڪلھوڙي جي وقت ۾ سنه 1113ھ (سنه 1701ع) ڌاري ڪلهوڙن زور ورتو ۽ پنوهرن کان شڪارپور هٿ ڪري اتي پنهنجو مکيه شهر ٺهرايائون ۽ انهيءَ تي خدا آباد جو نالو رکيائون، ۽ اتان پوءِ ٻيا پاسا هٿ ڪرڻ لڳا. ميان يار محمد جا ٻه پٽ، نور محمد ۽ محمد خان، جي هيستائين قلات ۾ هئا، سي به اتي اچي رهڻ لڳا. سنه 1170ھ (سنه 1757ع) ۾ جڏهن ميان غلام شاهه گاديءَ تي ويٺو، تڏهن انهيءَ شهر کي درياهه ويڙهي ويو، تنهن ڪري ميان اهو ڇڏي پنهنجي پيءُ جي ٻڌل شهر حيدرآباد، سنڌ جي ويجهو ٻيو شهر ٻڌو، جنهن کي الهه آباد سڏيائين. فقط سندس مائيتو ڀاءُ محمد مرادياب خدا آباد ۾ رهندو آيو ۽ عطر خان هن کي اتي رهائيندو آيو ته مُلڪ جي طمع رکي. سنه 1172ھ (سنه 1759ع) ۾ ميان غلام شاهه جڏهن ٻڌو ته ڪي کوسا سردار خدا آباد جي شهر تي ڪاهي ڦر ڪري هليا ويا آهن، تڏهن اتي اچي انهن کوسن سردارن کي مارائي ڇڏيائين ۽ شهر جي سنڀال لاءِ ماڻهو مقرر ڪيائين. سنه 1186ھ (سنه 1772ع) ۾ ميان يار محمد سرفراز اڳوڻُ خدا آباد ڇڏي نئون خدا آباد جوشهر هالن کي ويجهو ٻڌايو ۽ سگهوئي پوءِ ميرن ٽالپرن سان ناسازي ٿيڻ لڳيس ۽ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير سهراب کي ماريائين، جي خدا آباد ۾ دفن ڪيا ويا. اهو واقعو سنه 1189ھ ۾ ٿيو ۽ ٻئي سال ۾ مير فتح خان بلوچن جو لشڪر وٺي خدا آباد کي گهيرو ڪيو ۽ زور سان اندر گهڙيو. ميان محمد سرفراز پنجن ڇهن ماڻهن سان ڀڄي هڪڙي مهاڻي جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي حيدرآباد ۾ آيو، جنهن کي به وري ميرن اچي گهيرو ڪيو. سنه 1197ھ (سنه 1782ع) ۾ مير بجار خان ميان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي وهاريو ۽ پاڻ به پنهنجن بلوچن سميت اچي خدا آباد ۾ رهيو. جڏهن پوءِ عبدالنبي ڀڄي وڃي مدد خان کي وٺي آيو، اهو سردار خدا آباد ۾ آيو ۽ ماڻهن سان ظلم ڪرڻ ۽ آسپاس جا ملڪ ڦرڻ لڳو، تڏهن مير عبدالله، جو عمرڪوٽ ۾ هو، سو لشڪر وٺي مدد خان سان وڙهڻ آيو. مدد خان نڪري مير جي منزل گاه وٽ ويو ۽ پوءِ عبدالنبيءَ جي حرڪت معلوم ڪري موٽي هليو ويو. ميان عبدالنبي پشيمان ٿي مير وٽ اچي پيش پيو ۽ اڳتي لاءِ قسم کنيائين، تنهن ڪري مير کيس خدا آباد ۾ وري به گاديءَ تي وهاريو. سنه 1201ھ ( 1786ع) ۾ عبدالنبي ڀڄي قلات جي خان کان مدد وٺي خدا آباد تي ڪاهي آيو، مير فتح علي خان تڏهن ونگ جي پاسي ويل هو، پر عبدالنبي نااميد ٿي سيوهڻ جي پاسي هليو ويو. سنه 1197ھ (سنه 1783ع) ۾ مير فتح علي خان، تيمور شاه بادشاهه جي ڏسڻ کان پوءِ سنڌ جو پڪو حاڪم ٿي آيو ۽ خدا آباد ڇڏي شاهپور جو نئون شهر ٻڌي انهيءَ ۾ اچي رهيو. سنه 1202ھ (سنه 1787ع) ۾ اتان نڪري حيدرآباد اچي تخت گاهه ڪيائين ۽ پوءِ انهيءَ شهر کي سينگارڻ لڳو. سنه 1217ھ (سنه 1802ع) ۾ مير فتح علي خان وفات ڪئي ۽ سندس لاش خدا آباد ۾ کڻي وڃي دفن ڪيائون، جو سندس وڏا اتي دفن ڪيل هئا.مير ڪرم علي خان پهريون مير هو، جو حيدرآباد ۾ رکيو ويو. انهيءَ کان اڳي ميرن کي خداآباد ۾ رکندا آيا. مير ڪرم علي خان سنه 1244ھ (سنه 1828ع) ۾ وفات ڪئي.[4]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. Khudabad near Dadu, Sindh. Jami Masjid from south-east, outside walls, وقت 2020-12-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-10-01 
  3. خدا آباد | SindhSalamat, وقت 2019-10-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-10-01 
  4. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو