پنھور يا پنھوار: قريش خاندان عربن جي نسل مان آھن، جيڪي سندن فتح سنڌ کان پوءِ سنڌ ۾ مقيم ٿئي ويا. ھي حضرت حارثؓ جو اولاد آھن. پنهوارن جي اڪثريت منصوره موجوده سانگهڙ ۽ اروڙسکر جي علائقي ۾ زياده رهائش پذير هئا۔ هي قبيلو مارئي جي لوڪ ادب قصي سبب به مشھور آھن۔ 1692ع هنن جو هڪڙو بزرگ اسڪالر علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ؒ 1761ع ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشھور آھي۔ ھنن جو ھڪڙو سردار مير پنھوار نالي سنه 1108ھ (سنه 1696ع) ڌاري ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي ڏينھن ۾ بکر جي حاڪم کان لشڪر وٺي آيو،

جنھن جو سپه سالار سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پِني ھو ۽ ميان نصير محمد سان وڙھيو، جو ھن اُتي اچي نالو ڪڍيو ۽ مريد گڏ ڪيا ھئائين. پر پوءِ صلح ٿيو ۽ ميان کي اورنگزيب بادشاھ ڏي ڏياري موڪليائون، جنھن بند رکيس، پر پوءِ سگھوئي ڀڄي نڪتو ۽
وري اچي پنھوارن جي رياست سامتاڻي دادو ۾ کاريءَ جو شھر ٻڌي
انھيءَ ۾ رھيو ۽ ھٽڙيءَ جو ڳوٺ پنھنجن مريدن ۽ فقيرن کي ڏنائين. 

سنه 1113ھ (سنه 1706ع) ڌاري

ميان نصير محمد جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ ميان دين محمد سان وري لڙائي ڪيائون،پر نيٺ ھن انھن کي جيتي پنھنجي زيردست ڪيو. اُنھن مان گھڻا پنهوار نڪري ٺٽه شڪار پور ۽ اروڙ سکر ۾ اچي رھيا، جو سندن خاص شھر ھئا؛ 

ميان يار محمد ڪلھوڙي جي ڏينھن ۾ ڪلھوڙا اُتي به آيا ۽ پنھنجو شھر خدا آباد ٻڌائون ۽ اتان آسپاس سيوستان ۾ پکڙڻ لڳا.

پنھوار قبيلو واپار سبب سومرن ۽ سمن سان به ڳنڍيل آھن.

[1]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو.. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

۔