ايسين: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: عبراني (Hebrew) ٻوليءَ ۾ هن فرقي جا ڪيترائي نالا آهن. مثال '''طور حشيم''' (ماٺ رهندڙ)، '''عساه يا عنشي ماسح...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
عبراني (Hebrew) ٻوليءَ ۾ هن فرقي جا ڪيترائي نالا آهن. مثال '''طور حشيم''' (ماٺ رهندڙ)، '''عساه يا عنشي ماسح''' (عمل ڪرڻ وارا ماڻهو)، '''وتيقـم ۽ بنائيم''' (اَڏيندڙ/معمار). يوناني، لاطيني ۽ انگريزيءَ ۾ ان کي '''ايسين''' (Essene) چوندا آهن. [[البيروني]] (وفات 1048ع) ۽ شهرستاني (وفات 1153ع) ان فرقي کي '''مغاريا''' يعني غارن ۾ رهندڙن جي لقب سان ياد ڪندا هئا. هي فرقو قديم اوائلي اجتماعي سماج جي اصول تي هلندو هو ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪندو هو. هن فرقي جو ڪو هڪ شخص اڳواڻ نه هو، پر شايد ڪيترن ئي بزرگن ملي ان جو بنياد وڌو هو. مئڪس بيئر جو خيال آهي ته هي فرقو ٻي صدي ق.م ۾ وجود ۾ آيو. پهرين صدي عيسويءَ جي ٽن مـشهور تاريخدانن فيلو (20 ق.م ـــ 50ع)، جوزيفـس (37 ــ 95ع) ۽ پلائني ڪبير (23 ــ 79ع) هن فرقي جي پوئلڳن جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. فيلو اسڪندريا ۾ رهندڙ يهودي فلاسافر هو. هو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:
 
فلسطين ۾ چار هزار متقي ماڻهو رهندا هئا جن کي '''ايسين''' (بنائين)سڏبو هو. اهي ڳوٺن ۾ آباد هئا ۽ شهرن کان پاسو ڪندا هئا، ڇو ته شهرن ۾ برائي عام هئي. انهن مان گهڻا ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ باقي پرامن ڌنڌا ڪندا هئا. هو سونُ ۽ چاندي گڏ نه ڪندا هئا ۽ نه ئي زمينون وٺندا هئا ته جيئن پنهنجي آمدني وڌائن، پر رڳو ضروري گذر سفر لاءِ پورهيو محنت ڪندا هئا. اهي ئي آهن، جيڪي ملڪيت جا مالڪ ناهن، ان ڪري نه، جو انهن جي قسمت ۾ ملڪيت ڪانهي پر ان ڪري جو انهن وٽ دولت جي لالچ ڪانهي. حقيقت ۾ اهي ئي سڀني کان وڌيڪ دولتمند آهن، ڇو ته انهن وٽ اصل دولت قناعت ۽ توڪل آهي. توهان کي انهن ۾ تير، ڀالا، تلوارون، ڍالون، لوهي ٽوپلا ۽ زرهون ٺاهڻ وارا ڪو نه ملندا ۽ نه ئي ڪو اهڙو ماڻهو، جيڪو جنگي هٿيار ٺاهيندو هجي يا جنگ سان تعلق رکندو هجي. واپار، شراب، صنعت ۽ جهاز راني انهن جي ذهن ۾ ڪا نه ٿي اچي، ڇو ته هو انهن سڀني شين کان پاسو ڪندا آهن، جنهن سان حرص ۽ حوس پيدا ٿئي. انهن ۾ ڪو به غلام نه هوندو آهي. سڀ آزاد آهن ۽ هڪٻئي جي لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي حاڪمن ۽ صوبيدارن کان نفرت ٿا ڇو ته انهن ماڻهن برابري ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ فطرت جي دين کي ڇڏي ڏنو اٿائون. اهو فطرت جو دين ماءُ جيان آهي، جيڪو سڀني کي هڪ جيترو پيار ڪري ٿو ۽ سڀني جي پرورش ڪري ٿو، ته جيئن ڀائرن جيان پيار محبت سان رهن، پر هي رشتو دوکي ۽ لالچ جي ڪري ٽٽي پوي ٿو ۽ ڀروسي جي جاءِ تي بي اعتمادي ۽ پيار جي جاءِ تي نفرت پيدا ٿئي ٿي. '''ايسين''' کي خدا ترسيءَ، نيڪيءَ ۽ پاڪيزگيءَ جي تعليم ڏني وڃي ٿي. گهريلو معاملن ۾ به ۽ قومي مسئلن ۾ به انهن کي خير ۽ شر جو فرق سيکاريو وڃي ٿو. انهن جا ٽي بنيادي اصول هي آهن: