شيطاني مدار: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} شيطاني مدار يا اَيڪسز آف اِيول (Axis of Evil) هڪ اصطلاح آهي، جيڪو اڳوڻي آمريڪي صدر جارج واڪر بُش...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
'''شيطاني مدار''' يا '''اَيڪسز آف اِيول''' ({{lang-en|Axis of Evil}}) هڪ اصطلاح آهي، جيڪو اڳوڻي آمريڪي صدر جارج واڪر بُش، 29 جنوري 2002ع تي ”اسٽيٽ آف دي يونين خطاب“ دوران پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي صدارتي مُدي دوران لاڳيتو ورجائيندو رهيو. هن اصطلاح ذريعي صدر بُش اُنهن حُڪومتن جي نندا ڪئي، جيڪي دُنيا ۾ آتنڪ واد وڌائڻ ۽ نيوڪليائي ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀريون هُيون ۽ سندن انهيءَ رويي سبب عالمي امن کي سخت خطرو هو. جيتوڻيڪ بُش حُڪومت طرفان ”شيطاني مدار“ ۾ بُنيادي طور ايران،[[ايران]]، عراق ۽ اُتر ڪوريا جي حُڪومتن کي شامل ڪيو ويو هو، پر شام طرف اڳرائي وارو ورتاءُ، ڪيوبا ۽ وينزوويلا جي حُڪومتن مٿان ٿيندڙ تَبرن جي سلسلي کي ذهن ۾ رکندي، بين الاقوامي لاڳاپن جا ماهر انهن مُلڪن کي پڻ بُش انتظاميا جي مٿين وضاحت تحت ڏسندا هئا. هن آمريڪي پاليسيءَ جي نتيجي ۾، دُنيا ۾ آمريڪا مُخالف جذبن ۾ تمام گهڻي تيزي آئي.<ref>http://dic.sindhila.edu.pk/define/Axis%20of%20Evil.php</ref>
<ref>http://dic.sindhila.edu.pk/define/Axis%20of%20Evil.php</ref>
 
==حوالا==