موهن جو دڙو (فلم): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 32:
ساراهه سان گڏوگڏ هن فلم تي تنقيد ۽ ٽيڪاٽپڻي به ٿي رهي آهي. ڪو چوي ٿو هيءَ فلم فيمليءَ سان گڏ ويهي ڏسڻ جهڙي ڪونهي، ڪو هن فلم جي ڪردارن جي پاٿل ڪپڙن تي نتقيد ڪري رهيو آهي، ته ڪو ڪنهن ٻي ڳالهه تي، پر هن فلم تي جيڪا وڏي کان وڏي تنقيد آهي، سا هيءَ آهي ته هن فلم ۾ تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي، غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. ان کان پوءِ سنڌ حڪومت جي هڪ وزير سردار شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته فلم جي هدايتڪار کي سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. <ref>http://images.dawn.com/news/1176179</ref>
<ref>http://timesofindia.indiatimes.com/entertainment/hindi/bollywood/news/Pakistani-minister-demands-an-apology-from-Hrithik-Roshans-Mohenjo-Daro-director-Ashutosh-Gowariker/articleshow/54041879.cms</ref>
سنڌ حڪومت جو ثقافت جو وزير ۽ ٻيا جيڪي هن فلم تي تنقيد ڪري رهيا آهن ٿي سگهي ٿو ته اهي هيءَ سڄي تنقيد پنهنجي دل جي سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪري رهيا هجن، ڇو جو انهن جو پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي تهذيب ۽ انهن جي پراڻن ماڳن سان لڳاءُ ايترو ته گهرو آهي ۽ اهي پنهنجي ڌرتي جي تهذيب ۽ تاريخ سان پاڻ کي اهڙو ته جڙيل ٿا محسوس ڪن جو ڪمرشيل فلم جي ضرورتن موجب آکاڻي ۾ گهڙيل آفسانو ۽ ڪيل واڌارا کين بلڪل به سٺا نه لڳا هجن.
<ref>http://www.humsub.com.pk/25239/noor-ul-huda-shah-4/</ref>
<ref>اردو ڪالم: فلم موئن جو دڙو: لک لڳ ٿورا سنڌ امان، نور الهدا شاهه</ref>
<ref>ويب سائٽ: هم سڀ</ref>
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي عوام اهڙي نتقيد کي ڪا گهڻي اهميت نه ڏني ۽ هڪ ڪن مان ٻڌي پئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي. هونئن سنڌ حڪومت جي ڪنهن عهديدار کي هن فلم تي تنقيد ڪرڻ نٿو جڳائي ڇڪاڻ جو جو هي فلم سنڌ حڪومت پنهنجي خزاني مان رقم ڏئي ڪو نه ٺهرائي آهي. هونئن به جيتري ڳڻتي هن فلم تي ڏيکاري پئي وڃي ان جيتري ڳڻتي جيڪڏهن هن تاريخي ماڳ جي سار سنڀال لاءِ ڪئي وڃي ته جيڪر هن تاريخي ورثي لاءِ اڃان به وڌيڪ چڱي ڳالهه ٿيندي.
 
موئن يا موهن جو دڙو فلم تي نتقيد ڪرڻ وارن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته موئن جي دڙي جي تهذيب رڳو هاڻوڪي سنڌ پرڳڻي جي تهذيب نه آهي، پر اها اسان جي هن سڄي ننڍي کنڊ (برصغير) جي تهذيب جو حصو آهي ۽ اسان سڀني جو گڏيل ورثو آهي. لڳ ڀڳ 1600 سئو سال ق. م يعني لڳ ڀڳ چار هزار سال پراڻي هن تهذيب جي ماڻهن جي باري ۾ پڪ سان ڪا خبر ناهي ته اهي سنسڪرت ڳالهائيندا هئا، پراکرتي ٻولي يا ٻي ڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا، ان حوالي ڪا به پڪي ڄاڻ ناهي. تازو قديم آثارن جي ماهرن موهن جي دڙي (Moen Jo Daro) جي انڊس اسڪرپٽ (Indus Script) جي مهر (Seal No. 1179) تي لکيل لپيءَ ۾ هندوستان جي گوندي ٻولي (Gondi Language) سان هڪجهڙائي ڏٺي آهي، ۽ ان مهر (Seal) کي گوندي ٻوليءَ ذريعي پڙهڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. ان کان سواءِ راجيش رائو (Rajesh Rao) پڻ انڊس اسڪرپٽ جي ڳُجهه کي پروڙڻ جي ڪوشش پنهنجي ڪيل تحقيق کي ٽيڊ ٽاڪس (Ted Talks) جي پليٽفارم تان پنهنجي ليڪچر ”ڪمپيوٽنگ اسٽون فار دي انڊس اسڪرپٽ (Computing a Rosetta Stone For The Indus Script) جي عنوان سان پيش ڪئي آهي. <ref>https://www.youtube.com/watch?v=kwYxHPXIaao</ref> راجيش رائو جي ڪيل ڳالهين ۾ وڏو وزن پڻ آهي.
ان کان سواءَ جيئا ڪمار راماسامي (Jeyakumar Ramasami) پڻ ”سنسڪرت ٿيوري آف انڊس اسڪرپٽ (Sanskrit Theory Of Indus Script) پيش ڪئي آهي. <ref>https://www.youtube.com/watch?v=NBeMgv_eO0Q</ref> جنهن کي پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. مطلب ته ان حوالي سان اڃان تائين ڪم هلندڙ آهي.
 
قديم ماڳن ۽ آثارن جي ماهرن موئن جي دڙي جي آثارن جي جانچ کان پوءِ ڪجهه ڪاٿا ۽ اندزا لڳيا هئا ته هي شهر آرين جي حملي سبب تباهه ٿيو هوندو، ڪجهه جي خيال ۾ ته گهڻي وقت تائين مينهن يا وسڪارو نه ٿيڻ سبب، ڏڪار جي صورتحال ۽ کاڌي جي اڻهوند جي ڪري، هن شهر جا رهاڪو پاڻ ۾ وڙهي پيا هوندا ۽ انهن جي وچ ۾ گهڙو ويڙهه لڳي هوندي ۽ بيا ڏڪار جي سختين سبب هتان لڏي، انهن علائقن ڏانهن ويا هوندا، جتي مينهن ۽ وسڪارو وڌيڪ ٿئي ٿو يعني بنگلاديش ۽ ڪيرلا واري پاسي يا ڪنهن اوچتي آفت اچڻ يعني وڏي ٻوڏ وغيره سبب هي شهر تباهه ٿيو هوندو يا ڪنهن ٻئي سبب هٿان جي ماڻهن کي لڏپلاڻ يا هجرت ڪرڻي پئي هوندي.
 
موئن جي دڙي جي حوالي سان هڪڙي ڳالهه جيڪا ماهر ٿوري گهڻي پڪ سان ڪن ٿا، اها هي ته موئن جي دڙي جا رهاڪو گهڻو ڪري دراوڙ هئا. اهي اسان کي ڪيرلا ۽ بنگالين جي روپ ۾ ملن ٿا، جيڪي دلت آهن ۽ سنڌ ۾ اهي اسان کي ڀيل، شڪاري، ريٻاڙي، ڪولهي ۽ ميگهواڙ وغيره جي روپ ۾ ملن ٿا. بنگالين جو پڻ موئن جي دڙي سان گهڻو لڳاءُ آهي. ياد رهي ته موئن جي دڙي کي سڀ کان پهرين ٻئي ڪنهن نه پر هڪ بنگاليءَ آر ڊي بينرجي (R. D. Banerji) ڳولهي لڌو هو. [[https://en.wikipedia.org/wiki/Mohenjo-daro]]
 
هن فلم تي تنقيد ڪندڙن کي توڙي جو پنهنجي رائي (Opinion) ڏيڻ جو حق آهي, پر کين اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هي فلم ڪا ڊاڪيومينٽري فلم ناهي. هيءَ هڪ ڪمرشيل فڪشن فلم يا مهم جوياڻي رومانوي فلم آهي. جنهن ۾ آکاڻي يا آفساني جي بنياد تي هڪ پيار جي آکاڻي گَهڙيل آهي. ڇو جو ڪمرشيل فڪشن فلمون ائين ئي ٺهنديون آهن. تنهنڪري انتهاپسنداڻو رويو اختيار ڪندي، ٿوري ٿوري ڳالهه تي اهو چوڻ ته هن ڳالهه سان يا فلاڻي ڳالهه سان منهنجي جذبن ۽ احساسن کي ڇيهو رسيو آهي جو رويو، صحيح رويو ڪو نه آهي. ڇالا جو فلم، آرٽ يا اهڙن ٻين شعبن ۽ موضوعن تي اجائي ٽنگ اَڙائڻ سان خاص طور تي حڪومتي عملدارن جي اجائي مداخلت سان فلم ۽ آرٽ جي شعبن ۾ ڪم کي نقصان پهچي ٿو، ڇو جو فن يا آرٽ جا شعبا ڏاڍا حساس ٿيندا آهن ۽ انهن شعبن کي ترقي ڏيڻ لاءِ آزدي ڏيڻ لازمي آهي ته جيئن اهي کليل فضا ۾ وڌي ويجهي سگهن. ان حوالي سان جيڪڏهن ڌرمي ڪٽرپسندن وانگر، هٿ ٺوڪيئي انداز سان پنهنجو پاڻ ئي، پاڻ کي تقافت جو محافظ قرار ڏئي، ثقافتي آمر بڻجي ڏاڍائي سان تهذيبي ٻنا ٻوڙ شروع ڪنداسين ته اها ڳالهه تهذيب ۽ ثقافت لاءِ لاڀائتي ثابت ڪو نه ٿيندي. رڳو اجرڪ ۽ ٽوپي پائڻ اسان جي ثقافت جو حصو ناهي، پر اسان جي ثقافت جو بنياد سهپ پڻ آهي. هونئن به ٽوپي پائڻ جو رواج انگريزن جي دور کان پوءِ آهستي آهستي شروع ٿيو نه ته ان کان پهرين پڳ پائڻ جو رواج هئو. موئن جي دڙي تي ٺهيل هيءَ پهرين فلم آهي. هن فلم کان پهرين موئن جي دڙي جو حوالي سان پاڪستان جي هڪ فلم جي گاني ”يه ديک ميري بگڙي تصويز موئن جو داڙا ۾” جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو صبيحا خانم تي فلمايو ويو هو. جيڪڏهن اسان ٻين کي پنهنجي تهذيب جي ويجهو اچڻ کان نه روڪيو ته پوءِ اڳتي هلي اڃان به ان موضوع تي ٻيون فلمون ۽ ڊاڪيومينٽريز ٺهنديون، جيڪي هن ماڳ ۽ سنڌوءَ جي تهذيب جي ٻين گهڻن ئي رخن کي دنيا جي آڏو آڻينديون. اسان کي ته پاڻ موئن جو دڙو فلم ٺاهڻ وارن اشوتوش گواريڪر (Ashutosh Gowariker)، سڌارٿ راءِ ڪپور (Siddharth Roy Kapur)، سونيتا گواريڪر (Sunita Gowariker)، اداڪار ريتيڪ روشن (Hrithik Roshan)، اداڪارا پوجا هيگڙي (Pooja Hegde)، موسيقار اي آر رحمان (A. R. Rehman)، سينماٽوگرافر سي ڪي مراليڌرن، فلم جي ايڊٽنگ ڪندڙ سنديپ فرانسز ۽ اشوتوش گواريڪر پروڊڪشنز پرائيوٽ لميٽد جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي جو انهن اسان جي سنڌو تهذيب ۽ اسان تهذيب جي هڪ ماڳ سان پاڻ کي جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. <ref>http://www.express.pk/story/602613/</ref>
<ref>اردو ڪالم: موئن جو دڑو میں, جاويد قاضي</ref>
<ref>اردو روزآني آخبار، جمعو، 9 ستمبر 2016</ref>
 
== اداڪار ==