موهن جو دڙو (فلم)

باليووڊ فلم


موهن جو دڙو: (انگريزي: Mohen Jo Daro) هڪ ڀارتي مهم جوياڻي رومانوي فلم آهي، جنهنکي اشوتوش گواريڪر (Ashutosh Gowariker) لکيو ۽ هدايتون ڏنيون آهن۔ فلم جا ٺاھيندڙ سڌارٿ راءِ ڪپور ۽ سنيتا گواريڪر آھن. جڏهن ته اداڪارن ۾ ريتيڪ روشن (Hrithik Roshan)، پوجا هيگڙي (Pooja Hegde) مرڪزي ڪردار نڀائيو آهي.

موهن جو دڙو
فائل:Mohenjo Daro Poster.jpg
هدايتون اشوتوش گواريڪر
رچنا
ليکڪ پريتي مامگين (مڪالما)
ستارا ريتيڪ روشن
پوجا هيگڙي
موسيقي اي آر رحمان
ايڊيٽنگ سنديپ فرانسز
ورهائيندڙ ڊزني انڊيا
مهورت
  • 12 آگسٽ 2016 (2016-08-12)
وقت دوران 150 منٽ[1]
ملڪ ڀارت
ٻولي هندي
بجيٽ INR100 ڪروڙ ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|100|7 year={{{year}}}}})[2][3]

پس منظر سنواريو

فلم 2016 سالَ قبل مسيح ۾ وادي سنڌ جي تهذيب جي هڪ تاريخي شهر موئن جو دڙو جي باري ۾ آهي۔ هي هڪ اهڙي شخص جي آکاڻي آهي، جيڪو پوڄاريءَ جي ڌيءٌ جي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. رومانوي داستان جي ذريعي موئن جو دڙو جي ثقافت ۽ قديم تهذيب پيش ڪرڻ جي لاءِ گواريڪر کي هن فلم جي تياري ۾ ٽن سالن جو وقت لڳو، جنهن ۾ هُن پراڻن آثارن جي اُنهن ماهرن جي مدد ورتي جِن جي زندگي سنڌ جي تهذيب تي تحقيق ڪندي گزري آهي۔ فلم جي عڪسبندي ڀوج ۽ ممبئي ۾ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه منظر جبل پور ۽ ٿاني ۾ فلمايا ويا آهن.

فلمسازي سنواريو

فلم جي موسيقي ۽ گيتن جو مجموعو اي آر رحمان (A. R. Rehman) ترتيب ڏنو، جڏهن تہ گيتن جا ٻول جاويد اختر (Javed Akhtar) لکيا آهن. فلم، ڀارت (جتي جي فلم سازن هيءَ فلم ٺاهي) ۽ پاڪستان (جتان هن قديم شهر جا آثار ملن ٿا) جي يومِ آزاديءَ جي مناسبت سان 12 آگسٽ 2016ع تي سڄي دنيا ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي وئي. پرنسپل فوٽوگرافي ڀوج ۾ 27 جنوري 2015 تي شروع ٿي.[4]

ايوارڊ سنواريو

سينيمائن ۾ عوام جي ڏسڻ کان پهريائين ئي، فلم کي سوئٽزرلينڊ جي 69 هين لوڪارنو بين الاقوامي فلم ميلو جي لاءِ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ٿي چُڪو آهي، ۽ ان کي لوڪارنو ايوارڊ جي تقريب کان پهرين 13 آگسٽ 2016ع تي ڏيکاريو.[5]

فلم تي تنقيد سنواريو

ساراهه سان گڏوگڏ هن فلم تي تنقيد ۽ ٽيڪاٽپڻي به ٿي رهي آهي ته هن فلم ۾ تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي، غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. ان کان پوءِ سنڌ حڪومت جي هڪ وزير سردار شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته فلم جي هدايتڪار کي سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. [6] [7] روٽن ٽماٽوز ويب سائيٽ تي فلم کي 43 سيڪڙو ريٽنگز ملي.[8]

موهن جو دڙو فلم مان مليل ڄاڻ سنواريو

آشوتوش گواريڪر جي موهن جي دڙي تي ٺاهيل فلم مطابق موهن جي دڙي جا ماڻهو ڏينهن جو حساب سج تي ڪندا هئا. مثال طور: ويهه سج، پنجويه سج. ورهين جو حساب سانوڻ جي برسات سان ڪندا هئا مثال طور: ويهه مينهنَ، پنجويهه مينهنَ. وقت کي ماپڻ لاء خالي لوٽو پاڻي جي وڏي تغاري ۾ رکندا هئا، لوٽي کي سنهو سوراخ هوندو هو، جنهن وسيلي پاڻي هوريا هوريان لوٽي ۾ داخل ٿيندو هو، جڏهن لوٽو ٻڏندو هو ته انکي هڪ پهر جو وقت سمجهندا هئا. هر ورهيه چوڏهين جي چنڊ واري رات سنڌو جي پاڻي جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، جنهن دؤران وهانءُ ٿيل جوڙا ۽ ڪنوارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون خاص ٻاجهاريون دعائون گهرندا هئا ۽ سنڌو امان جي مورتي کي حوض ۾ رکندا هئا.[9]

اداڪار سنواريو

[[1]]

حوالا سنواريو

  1. "Ashutosh Gowariker's Mohenjo Daro to have a run-time of 150 minutes". Bollywood Hungama. حاصل ڪيل 18 مئي 2016.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. "When Hrithik Roshan made headlines". Times of India. صفحو. 19. حاصل ڪيل 9 مئي, 2016.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. Sen, Sushmita. "Hrithik Roshan's fee for 'Mohenjo Daro' is half of film's budget?". International Business Times, India Edition. حاصل ڪيل 9 جون 2016.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  4. "Hrithik Roshan in Bhuj to shoot for his upcoming movie ‘Mohenjo Daro’". The Indian Express. حاصل ڪيل 2019-03-12. 
  5. "Locarno International Film Festival: Mohenjo Daro is the closing film". https://www.hindustantimes.com/. حاصل ڪيل 2019-03-12.  External link in |website= (مدد)
  6. Mohenjo Daro film-makers must apologise for distorting facts, says minister - Film & TV - Images
  7. http://timesofindia.indiatimes.com/entertainment/hindi/bollywood/news/Pakistani-minister-demands-an-apology-from-Hrithik-Roshans-Mohenjo-Daro-director-Ashutosh-Gowariker/articleshow/54041879.cms
  8. Mohenjo Daro (2016), حاصل ڪيل 2019-03-12 
  9. موهن جو دڙو فلم
  10. 10.0 10.1 "Pooja Hegde paired opposite Hrithik Roshan in Mohenjo Daro". هندستان ٽائمز. وقت 13 جولاءِ 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 سيپٽمبر 2014.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  11. "Kabir Bedi to play villain in Hrithik Roshan starrer Mohenjo Daro". Bollywood Hungama. حاصل ڪيل 10 جنوري 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  12. "Arunoday Singh turns villain". DNA. حاصل ڪيل 29 جنوري 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  13. "BJP wilfully ignored my potential: Nitish Bharadwaj". DNA India. حاصل ڪيل 2016-03-14. 
  14. "Hrithik Roshan's co-star Kishori Shahane in 'Lakhon Hain Yahan Dilwale' – The Times of India". حاصل ڪيل 2015-08-10. 
  15. "Bollywood actor Manish Chaudhari shoots in Gujarat – The Times of India". حاصل ڪيل 2015-08-10. 
  16. "Narendra Jha Bags Ashutosh Gowriker’s Mohenjo Daro". 
  17. "Hrithik Roshan's co-star Casey Frank". stuff.co.nz. حاصل ڪيل 31 مارچ 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  18. "Diganta Hazarika Appearing in Hritik Roshan Starrer Film Mahenjo Daro". 
  19. "Diganta Hazarika in Hritik Roshan Starrer Film Mohenjo Daro". 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو

وڌيڪ پڙهو سنواريو