مشتري: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ''مشتري (Jupiter) سَيارو سج کان پنجين نمبر تي پري آهي. يعني مرڪري، وينس، ڌرتي ۽ مارس کان پوءِ جوپيٽر آه...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
''مشتري (Jupiter) سَيارو سج کان پنجين نمبر تي پري آهي. يعني مرڪري، وينس، [[ڌرتي]] ۽ مارس کان پوءِ جوپيٽر آهي ۽ سج جي چوڌاري هڪ ڦيرو ڪرڻ ۾ ٻارهن کن سال لڳائي ٿو. يعني جيوپيٽر جو هڪ سال اسان جي ڌرتيءَ جي ٻارهن سالن برابر آهي. جيو پيٽر اسانجي سج منڊل يا شمسي نظام جو سڀ کان وڏو سَيارو آهي. باقي سيارن جي تور ڪجي ته ان کان اڍائي دفعا وڌيڪ تور '''جوپيٽر''' جي ٿيندي. رات جو آسمان ۾ چنڊ ۽ زهره کان پوءِ هي ٽيون نمبر گهڻو چمڪندڙ سيارو آهي. سال جي ڪجهه ڏينهن ۾ هن جي پوزيشن اهڙي رهي ٿي جو مريخ (Mars) سَيارو وڌيڪ چمڪندڙ (Bright) نظر اچي ٿو. سواءِ ٿوري هيليم گئس ۽ پٿرن جي هي سيارو هائڊروجن گئس جو آهي. جوپيٽر جو ڊاياميٽر 143000 ڪلوميٽر آهي. يعني اسان جي ڌرتيءَ کان يارهن دفعا وڏو آهي. هي سَيارو مشتري (Jupiter) به پنهنجي محور جي چوڌاري لاٽونءَ وانگر گول ڦري ٿو ۽ اسانجي سج منڊل ۾ سڀ کان تکو هي سَيارو ڦري (rotate) ڪري ٿو. مشتري پنهنجي محور تي چڪر ڏهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو. يعني جوپيٽر تي 5 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ 5 ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي. جيوپيٽر کي پنهنجا سٺ کن چنڊ آهن، جن مان فقط چار وڏا آهن، باقي چنڊن جو ڏهه ڪلوميٽرن کان گهٽ ڊاياميٽر آهي. بهرحال جيوپيٽر تي رات جي وقت به ڪي قدر روشني رهندي آهي.'' <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=140</ref>
<ref>سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام</ref>
<ref>ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ</ref>