پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 346:
=== قدرتي وسيلا ۽ معدنيات ===
پاڪستان مختلف قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالامال آهي، جهڙوڪ: [[ڪوئلو]]، [[سينڌو لوڻ]]، [[تيل]] ۽ [[گئس]]، [[ڪرومائيٽ]]، [[جپسم]]، [[گندرف]]، [[لوھ]]، [[سنگمرمر]]، [[سُرمو]] ۽ [[جست]] وغيره.
پاڪستان ۾ ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جتي درياهن ۽ نهرن مان آبشارن ذريعي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ [[مالاڪنڊ- درگئي منصوبو]]، [[پن بجلي]] رسول منصوبو، [[وارسڪ ڊئم]] منصوبو ۽ [[منگلا ڊئم]] کان سواءِ پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي آبشار ٺاهي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي. توانائيءَ جي پيداوار ۾ ڪوئلو بہ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ جي [[ٿرپارڪر]] ضلعي ۾ لڌا ويا آهن، جڏهن تہ پنجاب جي [[مڪڙوال]]، بلوچستان جي [[خوست]]، [[مچ]] ۽ [[هرنائي]] واري علائقن ۽ سنڌ ۾ ٿر کان علاوه [[جهمپير]] ۽ [[لاکڙا]] ۾ بہ ڪوئلو ملي ٿو. پنجاب ۾ 0.257 (ارب ٽن)، بلوچستان ۾ 0.196 (ارب ٽن)، [[خيبر پختونخوا]] ۾ 0.082 (ارب ٽن) ۽ سنڌ ۾ 184.123 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. سنڌ ۾ لاکڙا، ضلعي [[دادو]] ۾ 1.328 (ارب ٽن)، [[جهرڪ]]، جهمپير ۽ [[ميٽنگ]]، ضلعي ٺٽي ۾ 7.112 (ارب ٽن)، ضلعي بدين ۾0.16 (ارب ٽن) ۽ [[ٿرپارڪر]] ۾ سڀ کان وڌيڪ 175.505 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. [[ٿر جو ڪوئلو|ٿر جي ڪوئلي]] جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا، پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي.
 
 
 
 
ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا، پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي.
1967ع ۾ پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ساڍا چار لک ٽن هئي، جنهن مان ملڪ جي 12 سيڪڙو ضرورت پوري ٿيندي هئي. هن خطي ۾ تيل جو پهريون کوهه 1886ع ۾ [[ڪُنڊل]] (پنجاب) ۾ کوٽيو ويو هو ۽ 1915ع ۾ [[پوٽوهار]] ۾ تيل جو ذخيرو معلوم ٿيو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ خيرپور ضلعي مان تيل نڪتو. قيام پاڪستان بعد تيل جي ڳولا جاري رهي. 1949ع ۾ چڪوال ۾ تيل ملڻ ۾ ڪاميابي ٿي، 1950ع ۾ [[برما آئل ڪمپني|برما آئل ڪمپنيءَ]] جي شراڪت سان پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جو قيام عمل ۾ آيو. هن ڪمپنيءَ 1952ع ۾ سُئي جي ڳوٺ (بلوچستان) وٽ گئس ڳولي لڌي. هن وقت ڪيترن ئي ملڪن جون ڪمپنيون تيل جي ڳولا ۾ مصروف آهن. سنڌ جي [[بدين]]، دادو، حيدرآباد ۽ [[سانگهڙ]] وارن علائقن ۾ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن. [[اٽڪ آئل ڪمپني]]، راولپنڊيءَ جو تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو ڪم ڪري رهيو آهي. گذريل 50 سالن ۾ ٻيو ڪارخانو 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو. ٽيون ڪارخانو 1966ع ۾ قائم ٿيو. ٻنهي ڪارخانن جي پيداوار 41 لک ٽن سالياني آهي. هن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيل دريافت ٿيو آهي، جتي پلانٽ لڳائي تيل جي صفائي ڪري توانائي طور ڪتب آڻجي ٿو. سنڌ ۾ [[خيرپور]] کانسواءِ دادوءَ جي [[جوهي]] تعلقي ([[ڀت جبل]])، بدين ضلعي جي [[گولاڙچي]]، [[ٽنڊو محمد خان|ٽنڊي محمد خان]] لڳ [[ڌارو]] ۽ ضلعي [[گھوٽڪي|گهوٽڪيءَ]] جي [[عادلپور]] واري علائقن ۾ بہ تيل جا کوهه دريافت ٿيا آهن (وڌيڪ ڏسو: [[پيٽروليم]]).
مغربي پاڪستان ۾ گئس جا 7 ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جن مان هن وقت تقريباً 82 ارب [[مڪعب]] فوٽ گئس سالياني نڪري ٿي. ان جو 47 سيڪڙو ڪيميائي ڀاڻ جي تياريءَ ۾ ڪچي مال طور استعمال ٿيندو آهي ۽ 48 سيڪڙو گئس گهرو استعمال ۾ ايندي آهي. گئس جو وڏو ذخيرو بلوچستان جي ’[[سُئي]]‘ واري علائقي ۾ آهي، جتان پاڪستان جو اڪثر حصو گئس جي سهولت ماڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ [[ڀِت جبل]]، [[قادرپور]] ۽ [[حيدرآباد]] مان بہ گئس لڌي وئي آهي.