پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
[[فائل:Bird Diversity 2013.png|400px|thumb|کاٻو|پکين جي دنيا]]
 
'''پکي''' کنڀن وارا ڪرنگهيدار جاندار آهن. سڀني پکين کي ٻهٻہ پير ۽ پرنپَرن جو جوڙو ٿيندو آهي. پکي اڪيلي مخلوق آهي، جنهن جي جسم تي کنڀکَنڀ هوندا آهن،آهن. جيئن نانگ کلکَل مٽائيندومَٽائيندو آهي تيئن پکين جا کنڀ بهبہ ڇڻندا ۽ نوان ڦٽنداڦُٽندا آهن. اهو سلسلو هر سال يا مند آهر هلندو آهي،آهي. کنڀ ٽن قسمن جا هوندا آهن. انهن جو ڪم بُت ڍڪڻ آهي،آهي. جسم جا هيٺيان کنڀ نرم ۽ بجدار هوندا آهن ۽ پکيءَ جي بت کي گرم رکندا آهن. کنڀڙاٽين جا کنڀ اڏامڻاُڏامڻ ۽ رخرُخ بدلائڻ ۾ مددگار هوندا آهن. پکيءَ جي بناوت ڪجههڪجھہ اهڙي ٿئي ٿي جو ان کي لسلَس اڏامڻاُڏامڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. پکيءَ جي اهڙي کنڀڙاٽين ۽ ڇاتيءَ جون مشڪونمَشڪون تمام مضبوط هونديون آهن.آهن، ڇاڪاڻ تهتہ انهن کي پَر ڦڙڪائڻ ۽ هوا ۾ اڏامڻ لاءِ مضبوط مشڪن جي ضرورت هوندي آهي. پکي کي پنهنجي قد بت جيترن ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڏا تمام هلڪا ٿيندا آهن، ڇو تهتہ انهن جون هڏيون کوکليون هونديون آهن.
 
==جسم==
پکيءَ کي کير پياريندڙ جانورن وانگر ڪرنگهي جي هڏي به ٿيندي آهي. جنهن جي سهاري هن جو جسماني نظام برقرار رهي ٿو. پکي آنا لاهيندا آهن ۽ پنهجن ٻچن کي چوڳو ڏيندا آهن. سائنسدانن مطابق دنيا ۾ پکين جا ڪل 8500 قسم آهن. هر قسم جي پکيءَ جي جسامت، سڀاءُ ۽ رنگ الڳ الڳ آهي. سڀ کان وڏو پکي اٺ پکي (شتر مرغ) آهي، جيڪو 8 فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو ۽ ان جو وزن 150 ڪلو آهي ۽ سڀ کان ننڍو ”همنگ“ پکي آهي، جيڪو ڊيگهه ۾ هڪ کان ڏيڍ انچ ٿيندو آهي. هيءُ اهڙو پکي آهي، جنهن جي کنڀن مان مختلف قسم جا آواز نڪرندا آهن. هي پکي گلن ڦلن جي رس پيئندو آهي. سڀني کان تيز رفتار شڪرو پکي آهي، جيڪو هڪ ڪلاڪ ۾ 250 ڪلوميٽر (150 ميل) اڏامي سگهي ٿو. سڀني پکين کي کنڀ/ ڦنگهڙ ٿين، پر اهي سڀئي پکي اڏامي نه ٿا سگهن. نيوزيلينڊ ۾ ’ڪيوي‘ پکيءَ جا پر ننڍا ننڍا آهن، جو مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اٺ پکيءَ جو جسم ڳرو ۽ سيني جون هڏيون سخت هونديون آهن، ان ڪري اڏامي نه سگهندو آهي. پکين جون چُهنبون به قدبت جي حساب سان مختلف ٿين ٿيون. مڇيون جهليندڙ پکين جهڙوڪ: ٻگهه ۽ ڏوئلي، تِڏ ۽ آبي پکيءَ جي چهنب وڏي ۽ چوٽيءَ واري ٿئي، جڏهن ته باز جي چهنب سخت هوندي آهي، داڻا چُڳڻ وارن پکين جون چهنبون ننڍيون ۽ مضبوط ٿين ٿيون. پکين جي ساهه کڻڻ واري عمل ۾ سڀ کان اهم، هوا جون اهي ٿيلهيون آهن، جيڪي ڦڦڙن سان ڳنڍيل هونديون آهن ۽ انهن جون شاخون جسم جي مختلف حصن ۾ پکڙيل هونديون آهن، اهي ٿيلهيون پکين کي اڏامڻ ۽ ترڻ ۾ مدد ڪرڻ کان سواءِ انهن جي گرميءَ جي درجي تي پڻ ضابطو رکن ٿيون. گهڻن پکين کي گُجي هوندي آهي، انهن ۾ هو پنهنجي کاڌي جو ذخيرو ڪري رکندا آهن، انهيءَ گُجيءَ مان خوراڪ معدي ۾ ويندي آهي. پکين جي دل جا چار حصا ٿين ٿا، جن ذريعي انهن جي جسم کي آڪسيجن سان ڀرپور رت ملي ٿو. پکين جو دماغ وڏو ٿيندو آهي. پکين جون اکيون اڳيان هونديون آهن، پر هو پوئتي مڙي به شين کي ڏسي سگهن ٿا. پکين جا سڀئي قسم گهڻو ڪري پنهنجي رهڻ لاءِ آکيرا ٺاهيندا آهن. اهي آکيرا هو گهڻو ڪري هموار زمين، وڻن جي ٽارين ۽ غارن ۾ ٺاهيندا آهن. پکين جي عمر به مختلف ٿئي ٿي، ڪن پکين جي عمر تمام گهٽ ته ڪن جي وري 20 سالن کان 30 سال ٿئي ٿئي. دنيا جو قديم پکي Archaeopteryx هو، جنهن جو ڍانچو جرمنيءَ ۾ مليو هو، سائنسدانن ان جي قدامت جو اندازو 190 ملين سال لڳايو آهي.