ڪاغذ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م صفائي using AWB
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 1:
[[Fileفائل:Various products made from paper.JPG|thumb|upright=1.4|ڪاغذي شيون: ڪتاب، ٽوائليٽ پيپر، پيپر جو ويٽو، ڪاغذي ڊٻو، آنن جو دٻو]]
{{Infobox Chinese
|pic=Paper (Chinese characters).svg
سِٽَ 20:
 
'''ڪاغذ''' [[ڪاٺ]] مان ٺھيل ھڪ سنھو تھ جيڪو عام طور تي لکڻ يا شين کي ويڙھڻ ۾ ڪم ايندو آھي.
[[Fileفائل:Paper.jpg|thumb|ڪاغذ]]
ڪاغذ کي سنڌي ۾ پنو چوندا آهن.ڪيترن ملڪن ۾ ماڻهو وڻن جي پنن تي لکندا هئا، ۽ اها ساک ڪي لفظ به ڀرين ٿا. مثلاً سنڌي ”پن“ (Leaf) ۽ ”پنو“ (ڪاغذ) ساڳئي سنسڪرت لفظ ”پرڻ“ مان ٺهيا آهن. انگريزي لفظ ”ليف“ (Leaf) جي به هڪڙي معنيٰ آهي ”وڻ جو پن“ ۽ ٻي معنيٰ ”ورق“ (ڪتاب جو). خود عربي لفظ ”ورق“ جو به اهي ٻئي معنائون آهن. هن مان ظاهر آهي ته يورپ، عربستان ۽ هندستان ۾ وڻن جي پنن تي لکڻ جو رواج عام هو، ۽ اهو رواج ڪئين صديون ساندهه هلندو پئي آيو.
هوان شيانگ نالي هڪ چيني مسافر عيسوي ستين صديءَ ۾ هندستان ۾ سير ڪرڻ آيو هو، ۽ سنڌ به گهمي ويو هو. هن صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته هندستان ۾ ڪيترن هنڌ مون ماڻهن کي وڻن جي پنن تي لکندو ڏٺو. سنسڪرت ساهت مان به معلوم ٿئي ٿو ته اڳي ”ڀوڄ وڻ“ (Birch Tree) جا پن عام طرح لکڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. اڄ تائين شريمد ڀاڳوت، گرڙ پراڻ ۽ بيا ڪيترا ڌرمي پستڪ براهمڻن وٽ ٿها ٿيا رکيا آهن، ۽ جلد ٻڌل ڪين اٿن. هندو ماڻهو جڏهن گهرن ۾ شريمد ڀاڳوت وغيره جو پارائڻ رکائيندا آهن، تڏهن براهمڻ هڪ هڪ پرت پڙهندا، ٿهي جي هيٺان رکندا ويندا آهن. اڳي به ائين ڪندا هئا، پر متان ڪنهن وقت پنن جو ٿهو ڪري پوي، ۽ پن پن کان ڌار ٿي وڃي، تنهن ڪري ڀوڄ وڻ جو ڇوڏو انهن پنن جي ٿهي مٿان رکي، پوءِ ڇوڏي ۽ پنن جي آرپار ٽنگ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ ٽنگ مان ڌاڳو لنگهائي، ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ته سنئون سولو ڪتاب ٿي پوندو هو. انهيءَ کي سڏيندا هئا گرنٿ، جنهن جي هڪڙي معنيٰ اهي ”پستڪ يا ڪتاب،، ۽ ٻي معنيٰ آهي ”ڳنڍ“. سکن جي گرن جي ٻاڻي جنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن کي ادب ۽ عزت وچان ”گرنٿ صاحب“ چوندا آهن، نه ته اصل معنيٰ اٿس ”ڪتاب“، ۽ پوءِ خاص طرح معنيٰ ٿيس ”گرن جي ٻاڻيءَ جو ڪتاب“. ساڳيءَ طرح مسلمانن جو پاڪ ڪتاب ”قرآن“ يا ”القران“ سڏجي ٿو، جنهن جي به اکري معنيٰ آهي ”ڪتاب“ (The Book) – (قرء معنيٰ پڙهڻ). ان کي ”مصحف“ يا ”المصحف“ به چوندا آهن. انهيءَ لفظ جي بنيادي معنيٰ اهي ”ڪتاب“ (صحف معنيٰ لکيل پرت، ۽ اهو ”الڪتاب“ به سڏبو آهي. ائين لفظن کي ڪي خاص معنائون ملن ٿيون.