لاڙڪاڻو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 73:
 
'''''چانڊڪو''''' (هاڻي لاڙڪاڻو)
[[آدم شاه ڪلهوڙو]]، ڪلهوڙن جو ڏاڏو، جو [[جونپور]] جي بزرگ ميران محمد جي گاديءَ تي ويٺو، سو چانڊڪي ۾ اچي رهيو. آدم شاه جو پوٽو ميان الياس چانڊڪي جي ويجهو دفن ٿيل آهي. سنه 896هه (سنه 1490ع) ۾ ڄام نظام الدين سمي جي وقت مرزا شاه حسن کي مغل قنڌار کان وٺي چانڊڪيءَ ۽ ڪن ٻين شهرن تي آڻي ڪاهه ڪئي، پر ڄام نندي دريا خان جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو، جنهن مغلن کي وڃي شڪست ڏني ۽ انهيءَ لڙائي ۾ شاه حسن جو ڀاءُ ابو محمد مرزا مارجي ويو. سنه 927هه (سنه 1520ع) ۾ مرزا شاه بيگ جي راڄ ۾ مرزا سيوهڻ کان پوءِ چانڊڪي ۾ اچي رهيو. اتي بکر جي فساد جو ٻڌي اوڏي روانو ٿيو. سنه 928هه (سنه 1521ع) ۾: مرزا شاه بيگ بکر مان موٽي چانڊڪي ۾ آيو ۾ مير فاضل ڪوڪلتاش جي مرڻ ڪري هن جي لاش کڻائي بکر ڏي موڪليائين ۽ پاڻ به اوڏانهن ويو ۽ پوءِ اتان گجرات روانو ٿيو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن [[اڪبر بادشاهه]] سنڌ ۾ آيو، تڏهن [[مير معصوم شاه بکر وارو]] وٽس ويو ۽ بادشاهه کيس چانڊڪي جو پرڳڻو ۽ [[درٻيلو]] جاگير ڪري ڏنا.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ:”هي شهر ڪو گهڻو جهُونو نه آهي، ٻن سَون ورهين جو مس آهي. لاڙڪاڻو نالو لاڙڪ قوم جي ماڻهن کان پيو اٿس، جي آسپاس رهندا هئا. پر گهڻا چانڊيا ٻروچ اُتي رهندا هئا، جنهن ڪري اُنهيءَ کي چانڊوڪو پرڳڻو چوندا هئا. اُنهن جو سردار ولي محمد هو، جنهن کي انگريز سرڪار جي مدد ڪري وڏي جاگير ملي.
سندس پٽ غيبي خان هو. رند ۽ جمالي ۽ لغاري ۽ کوسا جاگيردار به آهن. پهرين ڪلهوڙا هتي آيا ۽ زمينون هٿ ڪيائون. پوءِ لڏي خداآباد ۾ وڃي ويٺا، جو تخت شهر ٿيو ۽ اُهو لاڙڪاڻي کان ٽيهارو ڪوهه ڏکڻ ڏي هو. پوءِ چانڊوڪي ۾ هڪڙو نائب رکيائون، جنهن جو نالو شاهه بهارو هو ۽ جنهن جي قبر اڃا اُتي آهي. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي، اِنهيءَ پاسي ملڪ وڌايو، تڏهن چانڊڪو يا لاڙڪاڻو وڏو شهر شمار ۾ اچڻ لڳو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به زور هو، جو توبخانو اُتي رهندو هو. هڪڙو جهونو قلعو به اُتي هوندو هو، جو ڪلهوڙن جوڙايو هو، جنهن ۾ ٽالپرن جو توبخانو رهندو هو، جتي انگريز سرڪار پوءِ اسپتال، جيل ۽ چرين جي اسپتال ٺهرائي هئي، جا سن 1871ع ۾ ڪڍي گدوبندر وٽ ڪيائون. مٿيون شاهه بهارو ميان نور محمد جو وزير نائب هو ۽ ڏهه هزار ماڻهو سندس هٿ ۾ هوندا هئا. سن 1199 هجريءَ (1773ع) ۾ وفات ڪيائين، جو سال سندس قبي تي لکيل آهي. اِهو قبو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو.“<ref>{امام راشدي جو مضمون"مرزا قليچ بيگ۽ لاڙڪاڻو، رسالو مھراڻ سال 2003, شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو"}</ref><ref>{”قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ٽيون ايڊييشن، 1891ع، ص: 30}</ref>
 
==لاڙڪاڻي جون لائبريريون==