پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 59:
 
===مذھب متعلق ڏوھ===
ھي ڪوڊ جو پندرهون باب آھي.ان ۾ 295 کان وٺي 298 تائين قلم آھن. قلم 295 ۾ ڪنھن بہ مذھب جي عبادتگاهه يا اھڙي شئي جيڪا ان مذھب ۾ پاڪ سمجھي وڃي ان جي بي حرمتي، نقصان کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي سزا ٻہ سال يا ڏنڊ رکي وئي آهي. قلم 296 ۾ ڪنھن بہ مذھبي تقريب ۾ خلل وجھڻ جي سزا ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي. قلم 297 تحت ڪنھن جي عبادت گاھ ۾ ان مذھب جي ماڻهن جي مرضيءَ جي خلاف داخل ٿيڻ يا ڪنھن جي مقام ۾ ڪنھن لاش جي توھين ڪرڻ جي سزا ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي آهي.قلم 298 ۾ ڪنھن ٻئي مذھب بابت نازيبا لفظ استعمال ڪري دل آزاري ڪرڻ جي سزا ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي آهي.1927 ۾ ايڪٽ نمبر 25 ذريعي قلم 295A ڪوڊ ۾ شامل ڪري ڪنھن جي مذھبي جذبات کي پائمال ڪرڻ لاء ان جي مذھب متعلق توھين آميز لفظ استعمال ڪرڻ کي ڏوهه قرار ڏئي سزا رکي وئي جيڪا پھرين گھٽ ھئي پر 1991 ۾ ڪرمنل لا ٿرڊ امينڊمينٽ آرڊيننس نمبر 21 تحت وڌائي ڏھ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي. 1982 ۾ آرڊيننس نمبر 1 ذريعي قلم 295B ڪوڊ ۾ شامل ڪيو ويو جنھن تحت قرآن شريف جي بي حرمتي توھين ۽ ان کي
ان نيت سان نقصان پھچائڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو ۽ ان جي سزا عمرقيد رکي وئي. 1986 ۾ قلم 295C ڪوڊ ۾ ايڪٽ نمبر 3 ذريعي شامل ڪري نبي پاڪ جي باري ۾ توھين آميز لفظ استعمال ڪرڻ کي ڏوھ قرار ڏئي موت جي سزا يا عمرقيد ۽ ڏنڊ رکي وئي.1980 ۾ آرڊيننس نمبر 44 ذريعي قلم 298A ڪوڊ ۾ شامل ڪري پيغمبر جي زالن، اھل بيت، راشدي خليفن ۽ اصحابن جي شان ۾ گستاخي کي ڏوھ قرار ڏئي ٽي سال قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.1984 ۾ آرڊيننس نمبر 20 ذريعي قلم 298B شامل ڪري قادياڻي يا لاھوري گروپ تي اسلامي لفظ ، خليفو، ام المومنين، اھل بيت ۽ مسجد وغيره جو استعمال مسلمانن جي پاڪ ھستين جي بجاءِ ڪن ٻين لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ پنھنجي عبادت گاھ کي مسجد سڏڻ يا مسلمانن جي اذان پنھنجي عبادتگاهه ۾ ڏيڻ کي ڏوھ قرار ڏئي سزا ٽي سالن تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي.ان سان گڏ قلم 298C شامل ڪري قادياڻي يا لاھوري گروپن تي مسلمان سڏائڻ تي بندش وجھي ڏوھ قرار ڏئي ان جي بہظ ساڳي سزا رکي وئي.
 
===انساني جسم کي نقصان ڏيندڙ ڏوھ===