لاڙڪاڻو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 68:
==تاريخ==
18 آڪٽوبر 1938ع تي قائد اعظم [[محمد علي جناح]] لاڙڪاڻي آيو هو. ان موقعي تي ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جي صدر امير علي لاھوري آجياڻو ڏيندي تقرير ڪئي هئي، ان وقت نائب صدر پرتاب راءِ واسومل ھيو.
<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=260 ماهتاب (منظور ڪوهيار) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
بمبئي سرڪار پنهنجن ٻن حڪم نامن هر هڪ نمبر 4942 (بامبي روينيو ڪوڊ 1870 جي سيڪشن 7 تحت) ۽ 4942.1 (انڊين رجسٽريشن ايڪٽ 3 آف 1877 جي سيڪشن 5 تحت) ذريعي پهرين آگسٽ 1901ع کان [[لاڙڪاڻو ضلعو]] قائم ڪيو ۽ ان لاءِ [[شڪارپور]] ۽ [[ڪراچي]] ضلعن مان هي تعلقا ڪڍي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڏنا ويا. ضلعي شڪارپور جا تعلقا، لاڙڪاڻو، [[قمبر]]، [[رتوديرو]]، لب مهرڻ (ڏوڪري)، [[ڪڪڙ]]، [[ميهڙ]] ۽ [[نصيرآباد]]. ضلعي ڪراچيءَ جا تعلقا، [[جوهي]]، [[دادو]] ۽ [[سيوهڻ]]. هي حڪم ناما بمبئي سرڪار جي چيف سيڪريٽري جي. ڊبليو. پي ميوئر مڪنزئي جي صحي سان جاري ٿيا. <ref>[http://gulhayat.com/chronology1901.asp Chronology | Gul Hayat Institute<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==لاڙڪاڻي جون لائبريريون==
سِٽَ 77:
ورهاڱي کان اڳ لائبريريءَ ۾ نهايت معياري رسالا به ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ Modern Review”“ ڪلڪتو)، ”New Times“ (ڪراچي) ۽ ”ٽربيون“ (لاهور) - برصغير جون مشهور تحريڪون اُڀاريندڙ رسالا ۽ اخبارون ليکيون وينديون هيون، ۽ باقاعده ٽپال رستي هن لائبرريءَ ۾ پهچنديون هيون. شوقين ماڻهو اخبارن جي پهچڻ سان لائبرريءَ ۾ انبوهه جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندا هئا.
اُنهن ڏينهن ۾ هن لائبرريءَ ۾ انگريزي، اُردو، هندي ۽ سنڌي ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هو. خاص ڪري انگريزيءَ جا چونڊ ڪتاب هن لائبرريءَ ۾ جمع ٿيل هئا . سال 1974ع ۾ ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ قائم ٿيڻ سان، هيءُ قديم لائبرري اُن ۾ ضم ٿي وئي.<ref>لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
== پڻ ڏسو ==