عبدالواحد آريسر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
[[عڪس:Abdul Wahid Arisar.JPG|thumbnail|عبدالواحد آريسر]]
'''عبدالواحد آريسر''' ({{lang-en|Abdul Wahid Aresar}}) سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد،آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ انڙآباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%B1%D9%8A%D8%B3%D8%B1%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D9%88%D8%A7%D8%AD%D8%AF آريسر عبدالواحد : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>. آريسر جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو سربراه آهي. [[جي ايم سيد]] سان هن جي گهري وابستگي رهي آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن سنڌ جي نوجوان طبقي کي متاثر ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سندس تقريرون ايتريون ته پراثر هونديون هيون جو ٻڌندڙ پاڻ مرادو خاموش ٿي سندس دانشمندانه ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا. سندس مشهور ڪتابن مان هڪ ”سائين جي ايم سيد“ آهي جيڪو ڪتاب جي ايم سيد جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ متعلق لکيل آهي.
 
آريسر صاحب جو لکڻ، پڙهڻ ۽ سياسي جدوجهد اڃا تائين جاري آهي. پاڻ اڃا تائين جي ايم سيد جي ڏنل سنڌ جي آزاديءَ واري پروگرام سان سلهاڙيل آهي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.