حيدرآباد شهر تعلقو

سنڌ، پاڪستان ۾ تعلقو
(حيدرآباد شهر کان چوريل)

حيدرآباد شهر تعلقو(انگريزي: Hyderabad City Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي حيدرآباد ضلعي جو ھڪ تعلقو آھي جنھن جو صدر مقام حيدرآباد شهر آهي. اھو ضلعي جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو تعلقو آهي. ھي تعلقو حيدرآباد شھر جو مکيہ بزنس مرڪز آھي. حيدرآباد شھر جو پراڻو حصو بہ ھن تعلقي ۾ آهي. شھر جي ھن حصي ۾ پڪو قلعو ، ڪچو قلعو، پاڪ فوج جي گيريزن وارو علائقو،صدر، ڦليلي، حالي روڊ، ٽنڊو ولي محمد، ھيرآباد، ٽنڊو ٺوڙهو، پنياري، بلديہ، گاڏي کاتو، پريٽ آباد، گل سينٽر، سرفراز ڪالوني، پوليس ھيڊ ڪوارٽر ، سول لائنز، ڊفينس، مارڪيٽ، ھالاناڪو، پٺاڻ ڪالوني وغيره ھن تعلقي ۾ واقع آھن، ھي تعلقو حيدرآباد شھر جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آباديءَ وارو علائقو آهي. لڳ ڀڳ سمورا تاريخي ماڳ ھن تعلقي ۾ واقع آھن جن ۾ قدم گاھ، ميان سرفراز ڪلھوڙو جو مقبرو، ميرن وارا قبا ۽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو جو مقبرو شامل آهن.

حيدرآباد شهر تعلقو
تعلقو
تعلقہ حیدرآباد شہر
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو حيدرآباد
حڪومت
 • ناظم عبدالجبار
 • نائب ناظم غلام شبير چشتي
آبادي (2016)
 •  ڪاٿو

 

12 لک

حيدرآباد سٽي جون يونين ڪاؤنسلون سنواريو

  1. يو سي حيدرآباد سٽي 1
  2. يو سي حيدرآباد سٽي 2
  3. يو سي حيدرآباد سٽي 3
  4. يو سي حيدرآباد سٽي 4
  5. يو سي حيدرآباد سٽي 5
  6. يو سي حيدرآباد سٽي 6
  7. يو سي حيدرآباد سٽي 7
  8. يو سي حيدرآباد سٽي 8
  9. يو سي حيدرآباد سٽي 9
  10. يو سي حيدرآباد سٽي 10
  11. يو سي حيدرآباد سٽي 11
  12. يو سي حيدرآباد سٽي 12
  13. يو سي حيدرآباد سٽي 13
  14. يو سي حيدرآباد سٽي 14
  15. يو سي حيدرآباد سٽي 15
  16. يو سي حيدرآباد سٽي 16
  17. يو سي حيدرآباد سٽي 17
  18. يو سي حيدرآباد سٽي 18
  19. يو سي حيدرآباد سٽي 19
  20. يو سي حيدرآباد سٽي 20

ديھون سنواريو

حيدرآباد شھر واري تعلقي م ڪل 4 ديھون آھن.

حيدرآباد سٽي تعلقي جون ديھون[1]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 فوجگاھ 2 گھانگھرا 3 گجو 4 حيدرآباد

حوالا سنواريو

  1. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]