باختر

وچ ايشيا ۾ تاريخي خطو
(بيڪٽريا کان چوريل)

باختر: بيڪٽريا: (Bactria): اڳئين زماني ۾ هندو ڪش -جبل- ۽ جيحون نديءَ جي وچ واري ملڪ جو نالو، -جتي- ٻن ٿوهن وارو اُٺ ٿيندو آهي، جنهن کي ’باختري‘ چون. -باختر- کي ’-بلخ-‘ به سڏيو ويندو آهي. وچ ايشيا جي قديم يوناني سلطنت جنهن جي حدن ۾ هن وقت جو -اتر- -افغانستان- ۽ مشرقي -ايران- اچي وڃن ٿا. هن سلطنت جي گادي جو هنڌ -باختر- موجوده -بلخ- هو. هي -ايران- جي باجگزار رياست هئي جنهن کي 328 ق. م سڪندراعظم فتح ڪيو هو. -ان- کان پوءِ هيءَ سلطنت سليوڪسي بادشاهن جي هٿ هيٺ رهي. 24 ق. م ۾ خودمختيار يونانين ۽ باخترين جي طاقتور رياست طور سامهون آئي. 13 ق. م ۾ خانه بدوش سٿين هن رياست کي فتح ڪيو. 653ع ۾ -بلخ- کي (-باختر- قديم) عربن فتح ڪيو. ڪي صديون هيءُ شهر -تاريخ- ۾ ڏاڍي اهميت جو حامل رهيو. آخري ڀيرو هن شهر کي چنگيز خان تاتاريءَ تهس نهس ڪري ڇڏيو. هتي قديم دور جا ڪيئي يادگار موجود آهن. جهڙوڪ: حضرت ابراهيم اڌم بلخي جي مزار به تباهه حال صورت ۾ موجود آهي. ٻڌن جو وهارو ”نوبهار“، خواجه محمد پارسا جي مسجد ۽ سلطان احمد حضرويه جي قبر به هتي آهي. هي شهر انهيءَ لحاظ کان به اهم آهي ته هتي مولانا -جلال- الدين روميءَ -جنم- ورتو.[1]

باختر يا بيڪٽريا جا قديم شھر
ڏکڻ طرف ھندوڪش ، اوڀر کان پامير ۽ اتر طرف تيان شان جي ڏاکڻي شاخ، ۽ انھن سمورن جي وچ ۾ بيڪٽريا جو علائقو