حدث جي معني پليتي آھي. اھا ٻن قسمن جي آھي[1]: حدث اڪبر ۽ حدث اصغر.

حدث اڪبر سنواريو

پليتي جي اھا حالت جيڪا جنسي ضرورت پوري ڪرڻ يا ڪنھن بہ نموني شھوت سان مني نڪرڻ يا ننڊ ۾ احتلام (تڙ) پوڻ يا حيض، نفاس جو خون اچڻ سان پئدا ٿيندي آهي ان کي حدث اڪبر چوندا آهن[1]. حدث اڪبر کان پاڪ ٿيڻ جو طريقو غسل آھي ۽ جنھن صورت ۾ غسل نہ ٿي سگھي تہ تيمم آھي[1].

حدث اصغر سنواريو

پليتي جي اھا حالت جيڪا پيشاب يا ڪاڪوس ڪرڻ، ريح نڪرڻ، جسم جي ڪنهن حصي منجھان رت، پونء وھڻ، وات ڀريل الٽي ڪرڻ، استحاضي جو خون وغيره اچڻ سان پيدا ٿيندي آهي، ان کي حدث اصغر چوندا آهن[1]. حدث اصغر کان پاڪ ٿيڻ جو طريقو وضو آھي ۽ پاڻي نہ ملي سگھن جي صورت ۾ تيمم آھي[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 41,42