استحاضو حيض ۽ نفاس کان علاوه عورتن کي اڳئين رستي کان جيڪا رت ايندي آهي ان کي استحاضو چوندا آهن[1]، استحاضي مان مراد اھو خون آھي جيڪو نہ حيض جو خون آھي نہ نفاس جو پر ڪنھن بيماري جي ڪري ايندو آھي جيئن ڪا رڳ ڦاٽي پوي ۽ خون بند نہ ٿئي[1]. 9 سالن تائين ڇوڪري ۽ 55 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت کي جيڪو خون اچي اھو استحاضو آھي. پر جي اھو گھاٽو ڳاڙهو يا ڪارتھو ھجي تہ حيض سمجھيو ويندو آھي[1]. حمل واري عورت کي جيڪو خون اچي اھو بہ استحاضو آھي[1]. ٽن ڏينھن ۽ ٽن راتين کان گھٽ جيڪو خون اچي اھو بہ استحاضو آھي. اھڙي طرح ڏھن ڏينھن ۽ ڏھن راتين کان وڌيڪَ جيڪو خون اچي اھو بہ استحاضو آھي. جنھن عورت جي حيض جي مدت عادت مطابق مقرر ھجي ۽ ان کي ان مقرر عادت کان زياده خون اچي تہ اھو وڌيڪ ڏينھن جو خون استحاضو ٿيندو پر اھو ان صورت ۾ جڏھن خون ڏھن ڏينھن کان وڌيڪ تائين جاري رھي[1]. ڪنھن عورت کي ڏھ ڏينھن حيض اچي بند ٿي وڃي، وري پندرهن ڏينھن کان پھريان ٻيھر خون اچڻ لڳي تہ ھي خون استحاضي جو ھوندو، ان ڪري جو ٻن حيضن جي وچ ۾ پاڪائي جي گھٽ ۾ گھٽ مدت پندرهن ڏينھن آھي[1]. چاليھ ڏينھن نفاس جو خون اچي بند ٿي وڃي۽ پندرهن ڏينھن کان گھٽ بند رھي وري ٻيھر خوڻ اچڻ لڳي تہ ھي ٻيو خون استحاضو آھي[1]. ان ڪري جو نفاس بند ٿيڻ کان بعد حيض جي وچ ۾ گھٽ ۾ گھٽ پندرهن ڏينھن جي مدت ضروري آهي. ٻار پيدا ٿيڻ بعد ڪنھن عورت کي چاليھ ڏينھن کان وڌيڪَ خون آيو، ھاڻي جيڪڏھن ان عورت جو اھو پھريون ئي ٻار آھي ۽ عادت مقرر ناھي تہ چاليھ ڏينھن کان وڌيڪَ جيترو خون آيو اھو سڀ استحاضو آھي ۽ جيڪڏهن عادت مقرر آهي تہ ان مقرر عادت کان وڌيڪَ جيترا ڏينهن خون آيو اھو سڀ استحاضو آھي[1]. سني اسلام ۾ استحاضي جي حالت ۾ نماز پڙھڻ ضروري آهي، قضا ڪرڻ جي اجازت ناھي ۽ نہ روزو ڇڏڻ جائز آھي. استحاضي جي حالت ۾ صحبت ڪرڻ جائز آهي. استحاضي واري عورت تي غسل فرض ڪونھي، صرف وضو سان پاڪائي حاصل ٿي ويندي آهي[1]. ان حالت ۾ قرآن جي تلاوت ، مسجد ۾ داخل ٿيڻ وغيره جائز آھي[1]. استحاضي واري عورت ھڪ وضو سان ڪيترن ئي وقتن جون نمازون نہ ٿي پڙھي سگھي. ھر نماز جي وقت تازو وضو ڪرڻ ضروري آهي[1].

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 36,92,93