تيمم
تيمم جي لفظي معني آهي ارادو ڪرڻ ۽ فقہ جي اصطلاح ۾ تيمم جي معني آهي پاڻي نہ ھجڻ جي صورت ۾ پاڪ مٽي وغيره جي ذريعي نجاست حڪمي کان پاڪائي حاصل ڪرڻ آهي. تيمم وضو جي بجاءِ بہ ڪري سگهجي ٿو ۽ غسل جي بجاء بہ.[1] قرآن ۾ فرمايو ويو آهي تہ:
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَقْرَبُوا الصَّلَاةَ وَأَنْتُمْ سُكَارَىٰ حَتَّىٰ تَعْلَمُوا مَا تَقُولُونَ وَلَا جُنُبًا إِلَّا عَابِرِي سَبِيلٍ حَتَّىٰ تَغْتَسِلُوا ۚ وَإِنْ كُنْتُمْ مَرْضَىٰ أَوْ عَلَىٰ سَفَرٍ أَوْ جَاءَ أَحَدٌ مِنْكُمْ مِنَ الْغَائِطِ أَوْ لَامَسْتُمُ النِّسَاءَ فَلَمْ تَجِدُوا مَاءً فَتَيَمَّمُوا صَعِيدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوا بِوُجُوهِكُمْ وَأَيْدِيكُمْ ۗ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَفُوًّا غَفُورًا 43
ترجمو: اي ايمان وارؤ! اوھان نشي جي حالت ۾ ايستائين نماز کي ويجها نہ وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجهو ۽ نڪي مسافرن کان سواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافريءَ تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي پاخاني کان اچي يا زالن کي ويجها ويا ھجو ۽ پاڻي نہ لھو تہ پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن منھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.— النساء: 43
تيمم عربي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي قصد ڪرڻ. ان جو مطلب آهي تہ جڏهن پاڻي نہ ملي يا پاڻي جو استعمال ممڪن نہ ھجي تہ پاڪ مٽي جو قصد ڪجي.[2] تيمم جي طريقن تي فقيھن ۾ اختلاف آهي. امام ابو حنيفہ، امام شافعي، امام مالڪ ۽ اڪثر فقيھن جي مذھب مطابق ان جو طريقو اھو آھي تہ ھڪ دفعو مٽي تي ھٿ ھڻي منھن تي ڦيرائجي ۽ پوء ٻيھر مٽي تي ھڻي ھٿن کان ٺوٺين جي اندرين پاسي تائين ڦيرائجي.[2] اصحابين ۽ تابعين مان حضرت علي، عبدالله بن عمر، حسن بصري،. شعبي، ۽ سالم بن عبدالله ان طريقي جا قائل ھيا.[2] ٻيو طريقو اھو آھي تہ مٽي ۾ ھٿ ھڪ دفعو لڳائي منھن تي ڦيرائڻ بعد ڪارائي تائين ھٿن کي ڦيرائجي.[2] اھل حديث وارا ان ٻئي طريقي جا قائل آھن جيڪو عطاء، مڪحول، اوزاعي ۽ احمد بن حنبل جو مذھب آھي.[2] تيمم لاء ضروري ناھي تہ رڳو زمين تي ھٿ لڳائجن، ان لاء ھر مٽي جي دز واري خشڪ زميني جزن واري چيز تي ھٿ ڦيرائي سگهجي ٿو.[2] درحقيقت تيمم ماڻهن جي طھارت جي حس ۽ نماز قائم رکڻ لاءِ ھڪ اھم نفسياتي تدبير آھي.[2]