جهرڪ انگريزي (Jhirk) ٺٽي ضلعي جو هڪ قديم شهر آهي، جيڪو ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي.[1]

هيءُ شهر ’جهرڪ‘ ذات جي ماڻهن جو آباد ڪيل آهي، جيڪي اصل ۾ سماٽ آهن. 1758ع ڌاري جڏهن سنڌو درياهه پنهنجو وهڪرو بدلائي ڪوٽڙي ۽ ٺٽي وٽان وهڻ لڳو، تڏهن درياهه جي ڪپن وارن ٻين شهرن سان گڏ جهرڪن جو شهر به آباد ٿيو. ڪئپٽن اي. ڊيلهوسٽ 1832ع ۽ 1839ع ڌاري هن شهر لاءِ لکيو هو ته: ”هتي بازار ۾ 200 دڪان آهن، ٻنهي پاسي رستن جي صف بندي ٿيل آهي. بازار مٿان خوبصورت ڇت آهي.“ هي شهر ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي زماني کان اسماعيلي بزرگن جي سرگرمين جو مرڪز هو، ميرن جي زماني ۾ هتي اسماعيلي خواجن جا 983 گهر هئا. 1838ع ڌاري آغا خان اول، آغا شاهه حسن علي، ڪرمان (ايران) کان هتي جهرڪن ۾ اچي آباد ٿيو ڇا ڪاڻ ته هن شهر کان سواءِ آسپاس وارين بستين ۾ سندس مريدن جو وڏو تعداد رهندو هو. ان وقت سنڌ تي ميرن جو راڄ هو. سنڌ جي آخري حڪمران مير نصير خان، ايران جي حاڪم، محمد علي شاهه قاچار جي چوڻ تي آغا خان کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ جوکين جي سردار کي حڪم ڪيو. انهيءَ ڪري جهرڪن ۾ آغا خان جي مريدن۽ جوکين جي جنگ لڳي. انهيءَ جنگ ۾ آغا خان جي ملڪيت جي لٽ مار ڪئي وئي. ليڪن انگريزن جي دٻاءَ سبب ميرن جو دور پڄاڻي کي ويجهو هو. انهيءَ ڪري آغا حسن علي شاهه، ڪابل جي پهرين ويڙهه وقت چارلس نيپيئر جي گهڻي مدد ڪئي. سنڌ جي فتح کان (1843ع) پوءِ انگريزن آغا شاهه حسن علي کي ’هز هائينس‘ جو خطاب ڏنو. آغا خان اول 1843ع ۾ جهرڪن ۾ پنهنجو محلات اڏايو جيڪو اڄ به سلامت آهي.[2]

ورهاڱي کان اڳ

سنواريو

برطانوي هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ’پارپتي آوتسنگهه ٽي. بي سينيٽوريم‘ به هتي موجود هو، جيڪو هينئر مٽيءَ جو ڍير بڻجي چُڪو آهي. انگريزن جي دؤر ۾ هتي هڪ ڪليڪٽر رهندو هو، جنهن هتي هڪ پوسٽ آفيس ٺهرائي، جيڪا هينئر ڊهي چُڪي آهي. اندازو آهي ته 1848ع ڌاري هيءَ عمارت جڙي راس ٿي هئي، جيڪا هاڻوڪي اسڪول جي ڀرسان هئي. اُن کان سواءِ هتي ڪمشنري جيل، محالڪاري آفيس، ڊاڪ بنگلو، پوسٽ آفيس، پرائمري اسڪول ۽ پوليس ٿاڻو به موجود هئا. چارلس نيپئر جهرڪ شهر کي لشڪر جي ڇانوڻيءَ لاءِ بهتر سمجهيو ۽ اُتي بئرڪون به ٺهرايائين. شهر جي ڏکڻ طرف ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو هو، جيڪو اڄڪلهه ڊاڪ بنگلي طور استعمال ٿي رهيو آهي. بنگلي جي ڀرسان عيسائين جو مشنري اسڪول به هو. هتي سالن کان شيعا اثنا عشري خواجن جي امام بارگاهه، مسجد ۽ مدرسو به موجود آهي. اهي دراصل اسماعيلي هئا ۽ جهرڪن ۾ آغا خان جي مريدن ۽ ميرن جي سردار جوکئي جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي هئي اُن جنگ ۾ ويسو خواجو، جيڪو آغا خان جي لشڪر جو سردار هو. مير بٺوري وارو سيٺ محمد جعفر خواجو انهيءَ ويسي خواجي جو پٽ هو. هتي خواجن جون رهائشي جايون، دڪان، پلاٽ، زرعي زمينون ۽ باغ هئا. شهر ۾ امام بارگاهه جي آڳر ۾ هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ آغا شاهه حسن علي سان گڏ آيل سندس اُهي مريد دفن ٿيل آهن، جن آغا خان اول ۽ جوکين جي وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ شهادت ماڻي هئي. انهن جو تعداد 72 ڄاڻايل آهي. جهرڪ شهر ڪنهن وقت ۾ درياهه جي ڪپ تي هڪ سٺو بندرگاهه هو، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي بندرن جي اهميت وڌڻ ڪري، جهرڪن جو شهر ڦٽڻ لڳو. ڪافي تعداد ۾ واپاري هتان لڏي نئين آباد ٿيل شهر ڪراچيءَ ۾ وڃي آباد ٿيا. هن وقت هي ننڍو شهر اندازاً ڏهه هزار آبادي رکي ٿو. هتي جهرڪا، گندرا، ملاح، خاصخيلي، خوجا، ميمڻ ۽ ٻيا قبيلا آباد آهن. جهرڪ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهن.[2]

قائد اعظم ۽ جھرڪ

سنواريو

پاڪستان جي بانيءَ قائداعظم محمد علي جناح جو جنم به جيڻا پونجا جي گهر ۾ هن ئي شهر ۾ 1876ع ۾ ٿيو هو، [1] [3]ان وقت جهرڪ شهر ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. پراڻن درسي ڪتابن موجب قائداعظم پرائمري تعليم جهرڪن ۾ ئي حاصل ڪئي هئي. اڄ ڏينهن تائين جهرڪا ذات جا ماڻهو جهرڪ شهر جي اتر طرف ميل کن پنڌ تي ۽ ڪي درياهه جي ٻيءَ ڀر ٻن ميلن جي مفاصلي تي رهن ٿا. انگريزن جي اوائلي دور ۾ جهرڪ شهر کي خاص اهميت ملي، هيءُ شهر انهيءَ وقت جهرڪ ڊويزن جي گاديءَ جو هنڌ هو، پر جيئن جيئن هن شهر مان هٿ ڪڍندا ويا، تيئن تيئن شهر جهرڪ کي به وساريندا ويا، ڊويزن مان گهٽائي کيس محالڪاري ڪيائون، جنهن جي آفيس هن وقت هاڻوڪي اسپتال جي ڀرسان اتر طرف هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ان بعد هي شهر تپي جي حيثيت ۾، تعلقي ڪوٽڙيءَ سان ملايو ويو. جهرڪ اڄ به هڪ تپو آهي. جهرڪ شهر هن وقت تعلقي ٺٽي ۾ آهي.

جاگرافي بيهڪ

سنواريو

هي شهر سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل 160 فوٽ مٿي ٽڪر تي ٻڌل آهي. شهر جي اڀرندي طرف سنڌو ندي وهي ٿي. شهر جي الهندي طرف ٽڪر ئي ٽڪر آهن، درياءَ جي ٻيءَ ڀر، ٻڌمت جا مشهور آثار ’ٻڌڪا ٽڪر‘ هن شهر جي سامهون آهن. حيدرآباد - ڪراچي واري شاهي سڙڪ به هتان ئي گذري ٿي. شهر جي اتر طرف ’کاٽ کپريو‘ موجود آهي، جنهن کي ’کپريو کاهوڙي‘ يا ’کپريو کاٽڙيو‘ به سڏيندا هئا، جهرڪ شهر جي ڏکڻ- اولهه طرف اٽڪل چئن ميلن جي پنڌ تي هڪ ٽڪري ’مجيراءِ‘ يا ’ماجيراءِ‘ جي ماڙي جي نالي سان واقع آهي، انهيءَ ٽڪريءَ بابت چيو وڃي ٿو ته اتي ڪنهن زماني ۾ ماجيراءِ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جتي سندس ڪوٽ به اڏيل هو. اُن ڪوٽ جي آثارن کي هن وقت ڪافر ڪوٽ سڏيندا آهن. ٽڪريءَ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف سندس دامن ۾ ’ويران‘ نالي ٻيلو به آهي. الهندي طرف ٽڪر ئي ٽڪر آهن. ڏکڻ- اوڀر طرف وري هڪ ننڍي ڍنڍ آهي، جنهن کي ’ماجيراءِ واري ڪوري‘ چوندا آهن. ڪافر ڪوٽ واري جبل جي ڪَرَ ۾ پير لاکي لطف الله جي درگاهه موجود آهي. هي بزرگ، مخدوم نوح بزرگ جو پوٽو هو. هتي هڪ وڏو قبرستان آهي جنهن جي ڏکڻ واري ڇيڙي تي شيخ گهرئي جو روضو آهي. هن قبرستان کي پليجن جو قبرستان جو قبرستان چوندا آهن. هن قبرستان ۾ حمل پليجي جو قبو به موجود آهي، جيڪو صوفي شاهه عنايت جي شهدادت ۾، ٺٽي جي نواب جو مددگار چون ٿا. جهرڪ شهر جي ڏکڻ اولهه طرف ميل کن فاصلي تي ’ميران پير‘ جو قبو آهي. جهرڪ آڳاٽي دؤر ۾ دريائي بندر هو جتان وڻج واپار ۽ مسافري ٻيڙين ۽ اٺن ذريعي ٿيندي هئي، هن شهر کي ويجهي ۾ ويجهي اسٽيشن ’ميٽنگ‘ آهي. شهر جي اتر اولهه طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي ’ڪوٽڙي بئراج‘ جو هڪ واهه لنگهي ٿو. جنهن کي ڪلري- بگهاڙ فيڊر چوندا آهن.[4]