جي. الانا

پاڪستاني شاعر سوانح نويس

ناميارو شاعر ، محقق ، سياح ، تاجر ۽ -تحريڪ پاڪستان- جو ممتاز رڪن جِي . الانا ، 22 جون 1906ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس پورو نالو غلام علي الانا هو . سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ، وڌيڪ -تعليم- لاءِ ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۽ فرگوسن ڪاليج پوني ( -ڀارت -) ۾ پڙهيو . شاگرديءَ واري زماني ۾ ، -تحريڪ پاڪستان- ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيائين . 20 سالن تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر چونڊيو رهيو ، 1968ع ۾ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر مقرر ٿيو ، جنهن کان پوءِ ، ڇهن سالن تائين اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر پڻ رهيو . تقريباً 120 -بين- الاقوامي ڪانفرنسن ۾ -پاڪستان- جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڪجهه وقت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ۾ -پاڪستان- جو چيئرمئن پڻ رهيو . آغاخان فيڊرل ڪائونسل فار -پاڪستان- جو سالن تائين صدر رهيو . سندس گهر واري مسز جينوما الانا ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري رهي . جي . الانا جي شاعريءَ جو -اردو- ، -بنگالي- ، گجراتي ۽ -انگريزي- ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي . اردوءَ ۾ لکيل سندس سفرنامو ” ديس بديس “ به شايع ٿي چڪو آهي . سندس ٻين تصنيفن ۾ ” قائداعظم اسٽوري آف نيشن “ ( -انگريزي- ) ، “ Our Freedom Fighters ” ، ” پاڪستاني شاعري “ ، ” محبت ڪي مشرقي داستانين “ “ Four Classical Poets of Sindh ” ۽ “ Memories of Prince Ali Khan ” شامل آهن . 78 سالن جي ڄمار ۾ 5 مارچ 1984ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو