جيمس هائلمين

وڪيپيڊيا ڀاڱيدار

جيمس ايم. هائلمين (انگريزي: James M. Heilman) ڪينيڊا جو شهري آهي، جيڪو پيشي حوالي سان طبيب آهي ۽ هنگامي طب جي شعبي ۾ مهارت رکي ٿو، ان سان گڏ هي وڪيپيڊيا برادري جو حصو آهي، جتي طب ۽ صحت جي حوالي سان مواد جي بهتري جو وڪيل آهي. هي طب سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڄاڻ چيڪلي ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ تي اتساهي ٿو.[2][3]

جيمس هائلمين

جيمس هائلمين وڪي مينيا 2015ع تي
پيدائش 1979/1980 (عمر 43–44 سال)[1]
ساسڪچيوان، ڪينيڊا
شھريت ڪينيڊين
'طبي پيشو'
پيشو طبيب، وڪيپيڊين
شعبو هنگامي طب
ادارو

هي وڪيپيڊيا تي ”ڊاڪ جيمس“ جي کاتي هيٺ ڪم ڪري ٿو، ان سان گڏ هي وڪي منصوبي طب جو متحرڪ رڪن آهي، هي وڪيپيڊيا ۾ منتظم پڻ آهي. هي 2010ع کان 2013ع تائين وڪيميڊيا ڪينيڊا جو صدر پڻ رهيو ۽ وڪي منصوبي ميڊيسن فائونڊيشن جو سابقه صدر پڻ آهي.[4][5][6] وڪي منصوبي طب جي مترجم عملي جو باني پڻ آهي.[7] جون 2015ع تي هي وڪي ميڊيا فائونڊيشن بورڊ آف ٽرسٽيز طور منتخب ٿيو، 28 ڊسمبر 2015ع تي هن کي ان عهدي تان هٽايو ويو.[8][9] 2017ع تي هن کي ٻيهر وڪي ميڊيا فائونڊيشن بورڊ آف ٽرسٽيز طور منتخب ڪيو ويو.[10]

هي برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي جي شعبي هنگامي طب ۾ اسسٽنٽ پروفيسر[11][12] ۽ ڪرين بروڪ، برٽش ڪولمبيا ۾ واقع اوڀر ڪوئنٽي ۾ علائقائي اسپتال جي شعبي هنگامي طب جو سربراهه آهي، سندس رهائش ڪرين بروڪ ۾ آهي.[1][2]

ابتدائي زندگي ۽ تعليم سنواريو

جيمز ساسڪچيوان ۾ پيدا ٿيو، ۽ اتي ئي وڏو ٿيو.[13] هن يونيوسٽي آف ساسڪچيوان مان 2000ع ۾ اناٽومي تي بيچلر جي سند حاصل ڪئي ۽ اتان ئي ڊاڪٽر آف ميڊيسن جي سند پڻ حاصل ڪيائين. [2] پوءِ هن برٽس ڪولمبيا مان طبي مهارت ۾ تربيت حاصل ڪئي.[13]

طبي زندگي سنواريو

جيمز موس جاو ساسڪچيوان ۾ واقع موس جاو يونين اسپتال ۾ سن 2010ع تائين ڪم ڪيو. ان کان پوءِ اوڀر ڪوٽنئي علائقائي اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين، جتي هن کي 2012ع تي هنگامي طب واري شعبي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. [2] سن 2014ع تي ”ڪرين بروڪ ڊيلي ٽائونس مين“ نالي اخبار کي ٻڌايائين ته هر سال 22 هزار مريضن جو اوڀر ڪوٽنئي اسپتال ۾ علاج ڪيو ويندو آهي.[14]

ذاتي زندگي سنواريو

جيمز انتهائي وڏي ڊوڙ (انگريزي: Ultramarathons) ۽ انوکيون ڊوڙيون پسند ڪري ٿو،[15] هي ان جي ساٿي (گرل فرينڊ) 2008ع تي ”گوبي مارچ“ نالي ڊوڙڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتو هو.[16] هي ”Marathon des Sables“، ۔”Adventure Racing World Championships“ ۽ ”Saskatchewan Marathon“ نالي ڊوڙ وارين مقابلن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.[17]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ليڊلا, ڪيٿرين. "Is Google Making Us Sick?". ريڊرز ڊائيجسٽ. حاصل ڪيل 9 January 2014. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 فليڪ, في اوبا (1 january 2013). "Online encyclopedia provides free health info for all". Bulletin of the World Health Organization (عالمي صحت ادارو) 91 (1): 8–9. doi:10.2471/BLT.13.030113. PMID 23397345. PMC 3537258. http://www.who.int/bulletin/volumes/91/1/13-030113.pdf. 
  3. مڪ نائل, مارڪ (4 October 2011). "Wikipedia makes a house call to Mac". دي اسپيڪ. http://www.thespec.com/news-story/2205263-wikipedia-makes-a-house-call-to-mac/. Retrieved 12 January 2014. 
  4. برڪو, ليڪس (2013). "Medical Students Can Now Earn Credit for Editing Wikipedia". وائس. Archived from the original on 12 January 2014. https://web.archive.org/web/20140112165220/http://motherboard.vice.com/blog/medical-students-can-now-earn-credit-for-editing-wikipedia. Retrieved 12 january 2014. 
  5. تروجيلو, ماريا. "Wikipedia and Higher Education – The Infinite Possibilities". برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي. حاصل ڪيل 9 January 2014. 
  6. Bunim, Juliana. "UCSF First U.S. Medical School to Offer Credit For Wikipedia Articles". ڪليفورنيا، سين فرانسسڪو يونيورسٽي. حاصل ڪيل 12 January 2014. 
  7. جولي بيڪ. "Doctors’ #1 Source for Healthcare Information: Wikipedia". دي اٽلانٽڪ. حاصل ڪيل 1 August 2015. 
  8. "Resolution:James Heilman Removal". وڪي ميڊيا فائونڊيشن بورڊ آف ٽرسٽيز. حاصل ڪيل 29 December 2015. 
  9. ڪلينز, ٽورسٽن. "Wikimedia Foundation feuert Vorstandsmitglied". هائس آن لائين. حاصل ڪيل 1 January 2016. 
  10. Chan, Katie; Sutherland, Joe. "Results from the 2017 Wikimedia Foundation Board of Trustees elections". وڪي ميڊيا بلاگ. وڪي ميڊيا فائونڊيشن. حاصل ڪيل 13 July 2017. The results from this year’s community selection of the Wikimedia Foundation Board of Trustees are in! Congratulations to María Sefidari (User:Raystorm), Dariusz Jemielniak (User:pundit), and James Heilman (User:Doc James) for receiving the most community support. They will begin the three-year terms being filled through this process after they are officially appointed by the current trustees, which will occur at their August meeting at Wikimania 2017. 
  11. "James Heilman, MD, CCFP-EM". برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي. حاصل ڪيل 19 April 2016. 
  12. ليسلي مڪ ڪلارڪ; جون بروڪس. "Should You Use Wikipedia for Medical Information?". ڪي ڪيو اي ڊي. حاصل ڪيل 4 November 2016. 
  13. 13.0 13.1 "Board of Trustees". وڪي ميڊيا فائونڊيشن. حاصل ڪيل 20 August 2015. 
  14. مڪ ڊونلڊ, سيلي (16 June 2014). "Five family doctors closing down their Cranbrook practices". ڪرين بروڪ ڊيلي ٽائونس مين. 
  15. ڊينا اوميرا. "Mind over mountain". ويسٽرن اسٽينڊرڊ. وقت 2 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 March 2015. 
  16. "Surviving the Gobi march". Moose Jaw Times-Herald. وقت April 2, 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل March 20, 2015. 
  17. "28th Annual Saskatchewan Marathon". سسڪٽون اسٽار فنڪس. حاصل ڪيل 22 August 2015. [مئل ڳنڍڻو]