جنڊ (انگريزي:Grinder) ھڪ قسم جي چڪي آهي جيڪو هٿ سان هلائي آڳاٽي زماني ۾ ڪڻڪ، جوئر يا ٻاجهر پينهي اٽو ڪرڻ يا اٽو پينهڻ لاءِ ڪم ايندو هو. جنڊ تي اٽو اڪثر ڪري عورتون پيهنديون هيون.  جنڊ کان پوءِ جانڊھ ڪم اچڻ لڳو جنهن ۾ جانور جوٽيو ويندو هو. اڄ به ٻهراڙين ۾ جنڊ يا جانڊهه جو رواج موجود آهي.[1]

جنڊ

بناوت سنواريو

جنڊ جا ٻه پُڙ ٿيڻ جيڪي پٿر جا هوندا آهن. هيٺئين پڙ ۾ لوھ جو ڪِير يا ڪِل هوندو آهي. مٿئين پُڙ ۾ سوراخ ويڪرو هوندو آهي جنهن ۾ ڪاٺ جي مڪڙي هوندي آهي. ان مڪڙي ۾ سوراخ ٿئي ٿو جنهن ۾ هيٺئين پُڙ جو ڪير ايندو آهي. مٿئين پُڙ ۾ ڪاٺ جو هٿيو پوندو آهي جنهن ۾ هٿ وجهي جنڊ ڪاهبو آهي.[2] مڪڙي وٽان کليل حصي ۾ ان وجهبو آهي جنهن کي ٻُڪِي چئبو آهي. جنڊ ماٽ ۾ رکبو آهي جنهن ۾ اٽو گڏ ٿيندو ويندو آهي. ماٽ اڪثر ٺڪر جي ٺهيل هوندي آهي.

حوالا سنواريو