جانڊهه
جانڊهه اٽي پيهڻ جو وڏو جنڊ، جنهن کي هٿ سان هلائي نه سگهبو آهي، ان ۾ گڏهه ٻڌندا آهن. گڏهه کي جانڊهه جي مٿئين پُڙ سان ٻڌي، ان جي اکين تي اکياڙي ٻڌي ڇڏيندا آهن ان بعد گڏهه پاڻهي يا هلڪي چوڪ ڏيڻ سان ڦرندو رهندو آهي ۽ جانڊهه ۾ اٽو پيسبو رهندو آهي.
جنڊ جي ايجاد
سنواريواڳئين دور ۾ غالباً پٿر تي اٽو پيهڻ جو رواج هو. پوءِ وري اکريءَ ۾ اٽو پيهبو هو. ان بعد جنڊُ ايجاد ٿيو. ننڍو جنڊ عورتون هٿ سان استعمال ڪنديون هيون، جڏهن ته وڏو جنڊ جنهن کي ’جانڊهه‘ يا جانڊاهه چوندا آهن، ان ۾ غلام يا قيدي کي ٻَڌي، اٽو پيسرايو ويندو هو. سنڌ جي جيلن ۾ قيدي جانڊهه ۾ اٽو پيهندا آهن.[1]
حوالو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011