جمشيد نسروانجي مهتا
جمشيد نسروانجي مهتا (Jamshed Nasarwanji Mehta) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو پهريون ميئر چونڊيو ويو. هي 7 جنوري 1886ع تي ڪراچيءَ جي پارسي خاندان ۾ ڄائو. هي خانبهادر، نسروانجي مهتا جو پٽ هو. سندس والد جي ڪراچيءَ جي ايلفنسٽن اسٽريٽ تي ولائتي شراب جي وڏي دڪان ۽ ايجنسي هئي. ماريپور طرف لوڻ جو ڪارخانو، برف ۽ سوڍا واٽر جو ڪارخانو، ٽائلز ۽ ڪاٺين چيرڻ جا ڪارخانا، اٽي پيهڻ جي مِل ۽ ٻين ڪيترين شين جون ايجنسيون هيون. مڇي مياڻي روڊ تي انهيءَ ڪاروبار لاءِ هڪ وڏي آفيس ۽ برنس روڊ تي سندس عاليشان بنگلو هو.
جمشيد نسروانجي مهتا | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 7 جنوري 1886 ڪراچي |
تاريخ موت | 1 آگسٽ 1952 (66 سال) |
عملي زندگي | |
پيشو | سياستدان |
ترميم |
جمشيد نسروانجي مهتا (Jamshed Nasarwanji Mehta) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو پهريون ميئر چونڊيو ويو. هي 7 جنوري 1886ع تي ڪراچيءَ جي پارسي خاندان ۾ ڄائو. هي خانبهادر، نسروانجي مهتا جو پٽ هو. سندس والد جي ڪراچيءَ جي ايلفنسٽن اسٽريٽ تي ولائتي شراب جي وڏي دڪان ۽ ايجنسي هئي. ماريپور طرف لوڻ جو ڪارخانو، برف ۽ سوڍا واٽر جو ڪارخانو، ٽائلز ۽ ڪاٺين چيرڻ جا ڪارخانا، اٽي پيهڻ جي مِل ۽ ٻين ڪيترين شين جون ايجنسيون هيون. مڇي مياڻي روڊ تي انهيءَ ڪاروبار لاءِ هڪ وڏي آفيس ۽ برنس روڊ تي سندس عاليشان بنگلو هو.
ابتدائي تعليم
سنواريوجمشيد نسروانجي جي ماء جو نالو گل ٻائي هو. مڪاني اسڪولن ۾ تعليم وٺي، والد سان سندس ڪاروبار ۾ مددگار ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن باوجود ساهوڪار هجڻ جي به سادي حياتي گذاري. سجي زندگيءَ ۾ شادي نه ڪيائين. ٻيڙي، شراب، گوشت، مڇي وغيره کان پري رهيو، ڀاڄين، دالين، ميوي ۽ کير تي گذر ڪندو هو. سڄي ڄمار ڪاٺ جي صندل تي چادر وڇائي ستو. هي اعليٰ درجي جو ڪرم يوڳي هو. هر روز صبح جو چئين بجي اُٿي غسل ڪري، عبادت بعد ڪتاب پڙهندو هو. ان کان پوءِ فجر مهل ٻاهر جي ڪاروبار لاءِ تيار ٿي ويندو هو، چانهه پيئڻ تائين ڪيترائي ماڻهو وٽس ملاقات لاءِ يندا هئا، جن ۾ ڪي بيواهه عورتون، ڪي مسڪين، ڪي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل ماڻهو هوندا هئا. اٺين بجي ڌاري هو جاءِ تان موٽر ۾ چڙهي، ڪمن ڪارين سان نڪري ويندو هو ڪم از ڪم ٽيهن کان پنجاهه تائين مختلف ادارن ۽ ڪمن ۾ روزانو حصو وٺندو هو، جن جو شمار ڪرڻ مشڪل هو، ليڪن هر هڪ ڪم ۾ وقت جي پابندي ۽ تندهيءَ سان شريڪ ٿيندو هو. سندس مکيه مشغلا پنج هوندا هئا:
- ڪتابن جو مطالعو ۽ غور فڪر
- شخصي ڪاروبار ۽ ڪارخانن جي سنڀال
- ڪراچي ميونسپالٽي، بئنڪن ۽ ٻين اڪيچار ادارن سان مشغولي
- ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي حلقي وارن ۽ ٻين دوستن سان ملاقاتون ۽
- خدمت خلق، رفاه عام ۽ خيرات جا معاملا[1]
سياسي زندگي
سنواريوجمشيد نسروانجي جي سياسي زندگيءَ جي شروعات، 1913ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي اٺاويهين اجلاس سان ٿي ۽ ڪافي شهرت حاصل ڪري ويو هو. ٿياسافسٽ اڳي ئي هو، ان ڪري ڊاڪٽر ايني بيسنت سان ملاقات ٿيڻ بعد 1919ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ايني بيسنت "هوم رول ليگ" ٺاهي، تڏهن هي ان ۾ داخل ٿيو ۽ 1917ع جي آخر ۾ ڪراچي شهر جي هوم رول ليگ جو پريزيڊنٽ به چونڊجي ويو. ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ميمبر طور 1915ع ۾ گهڙيو. مارچ 1921ع ۾ جڏهن مسٽر نارائڻ داس بيچر جي ٺهراءَ تي رنج ٿي، مسٽر غلام علي چاڳلا ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي پريزيڊنٽيءَ تان استعيفيٰ ڏني، تڏهن سگهو ئي هي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ۽ سال 1933ع تائين پريزيڊنٽ رهندو آيو. ڪراچي شهر کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ ۾ هن ڪا به ڪمي نه ڇڏي، سُٺا رستا ٺهرايائين، اسڪول، اسپتالون، پارڪ، سوسائٽين جا بنگلا، ڊرينيج واٽر ورڪس وغيره تعمير ڪرايائين، صحت، صفائي ۽ تعليم جي واڌاري جي ڏس ۾ گهڻو پاڻ پتوڙيائين. ڪراچي شهر سندس خدمتن جو يادگار آهي. ڊاڪٽر بيسنت جي پوئلڳ هئڻ ڪري، هو ڪانگريس جي "عدم تعاون" يا "سول نافرماني" وارين تحريڪن ۾ شامل نه ٿيو. پر جڏهن لاٺي چارج ۾ قومي ڪارڪن زخمي ٿيندا هئا ته هي اسپتالن ۾ انهن جي پرگهور لهڻ لاءِ سڀ کان اڳي هوندو هو. 1933ع ۾ ڪراچي ميونسپل ايڪٽ جي درستيءَ لاءِ هن کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي نامزد ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن قائم ٿي. کيس ئي ان جو پهريون ميئر چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح سال 1933ع ۾ ميونسپلٽيءَ تان رٽائر ڪيائين. سنڌ جدائيءَ جي تحريڪ ۾ هن هر طرح جي ڪوشش ورتي. جدا چونڊن هئڻ ڪري، جيتوڻيڪ سندس چونڊ جو مدار هندوئن تي هو، ليڪن هن ان جي پرواهه نه ڪئي، سنڌ جدا ٿيڻ بعد، 1937ع ۾ دادو ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ آزاد ميمبر ٿي رهيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ هندو ميمبرن ننڍين وڏين ڳالهين تان حڪومت جي طرفداري يا مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي، جيئن ته هي هندو ووٽن تي چونڊجي آيو هو، تنهن ڪري اُهي کانئس تقاضا ڪرڻ لڳا ته اسيمبليءَ ۾ سندن پويان ووٽ ڏئي، انهيءَ تان ناراض ٿي، هن استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، جڏهن هن ڏٺو ته غير مسلم ۽ ايماندار ڪارڪنن لاءِ ملڪي سياست ۾ جاءِ نه رهي آهي، ته هو اُن کان ٻاهر رهيو.[2]
مذهب
سنواريوجمشيد صاحب پارسي مذهب جو پوئلڳ هو. 1909ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت سان واقفيت بعد، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيو. صوفي خيالات رکڻ ڪري، هو جملي مذهبي اختلافن پويان بنيادي وحدت جو قائل هو. انهيءَ جي پيرويءَ ۾ هو، رمضان جا روزارکندو هو ؛ محرم وقت مسلمانن سان همدردي ڪندو هو ؛ ناتال ايسٽر وغيره جي موقعن تي ديوانن ۾ وڃي عيسائين جي دعائن ۾ شرڪت ڪندو هو ؛ هندو ڏڻ – وار تي هندن سان شريڪ ٿيندو هو ؛ ۽ ساڳيءَ طرح سکن ۽ يهودين سان به وڃي شريڪ ٿيندو هو. ٿياسافيڪل سوسائٽي سندس مکيه مرڪز هو.خدا ۾ سندس پڪو ايمان هو. هي ڪرميوگي، اعليٰ مفڪر ۽ دردمند دل رکندڙ انسان هو. سندس چوڻ هو ته ”مذهب ماڻهن لاءِ بنايو ويو آهي، نه ماڻهو مذهب لاءِ.“[3]
وفات
سنواريوهن سخي انسان، پهرينآگسٽ 1952ع تي وفات ڪري ويو.