جامع مسجد خدا آباد
جامع مسجد خدا آباد (انگريزي: Jamia Mosque, Khuda Abad) نامور ڪلهوڙي حڪمران، ميان يار محمد ڪلهوڙو ٺهرائي،[1] جيڪا اڄ به دادو ضلعو ۾ خدا آباد جي شهر ۾ دادو کان 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف انڊس هائي وي جي قريب واقع آهي. ميان يار محمد ڪلهوڙي تڏهوڪي هن مرڪزي شهر جو بنياد رکيو هو ۽ جيئن خاندان ترقي ڪندو ويو، تيئن مرڪز جي رونق، آرائش ۽ حسن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو. ميان غلام شاهه جي دور تائين خداآباد جي عظمت ۾ ڪو به فرق نه آيو.[2]
جامع مسجد، خداآباد | |
---|---|
خدا آباد واري مسجد | |
مسجد جو مرڪزي دروازو | |
بنيادي ڄاڻ | |
مقانيت | 26°35′10″N 67°43′14″E / 26.58611°N 67.72056°E |
ضلعو | دادو |
صوبو | سنڌ |
ملڪ | پاڪستان |
تفصيل تعميرات | |
قسم اڏاوت | مسجد |
قسم اڏاوت | ھندستان جو اسلامي نمونو |
خصوصيتون | |
ڊيگھ | 160فٽ |
ويڪر | 46 فٽ |
اوچائي | 34فٽ |
عبدالنبيءَ جڏهن مير عبدالله خان ٽالپر ۽ مير فتح خان ٽالپر کي قتل ڪرايو، تڏهن ٽالپرن انتقام جي جوش ۾ اچي خدا آباد تي حملو ڪيو. هنن شهر کي لُٽيو ۽ جاين کي باهه ڏئي ڇڏي. اهڙيءَ طرح سال 1781ع ۾ خدا آباد جو شهر تباهه ٿي ويو.[2]
هينئر خدا آباد ۾ فقط ٻه جايون بچيل آهن: هڪڙي جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد خان جو مقبرو.[2] جامع مسجد اڄ به موجود آهي، جيتوڻيڪ پوڻا ٻه سئو سال گذري چڪا آهن، باغ علي خائف، ”نامہء نغز“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن هيءَ مسجد جوڙي وئي، ته منجهس نقاشيءَ جو ڪم نهايت عمدو ڪيو ويو. قبو ايترو بلند ٺهرايو ويو، جو آسمان سان وڃي مليو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ شنگرف گهڻو استعمال ڪيو ويو. هن کي بيت المقدس ته نٿو چئي سگهجي، پر اُتي هر وقت ذڪر ٿيندو رهي ٿو. نحو ۽ صرف جا استاد، عربيءَ جي تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول آهن. صحيح بخاري پڙهائي وڃي ٿي. حافظ قرآن جي تلاوت ڪندا رهن ٿا، ۽ ذاڪر تسبيح ۾ مصروف آهن.[2]“
هينري ڪوزنس جي بيان مطابق ”هيءَ مسجد ميان يار محمد خان ڪلهوڙي ٺهرائي هئي. هن جا ٻه حصا هئا: هڪڙو اسي فوٽ ڊگهو ۽ ايڪيهه فوٽ ويڪرو، ۽ ٻيو اسي فوٽ ڊگهو ۽ پنجويهه فوٽ ويڪرو. اُچائي چوٽيهه فوٽ هئي. ٻاهرئين دروازي تي، ٻنهي پاسن ڪاشيءَ جو نهايت دلاويز ڪم ٿيل هو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ هن کان اڳ تڪلف ۽ بناوت کان ڪم ورتو ويندو هو، ميان صاحب انهيءَ پراڻي طريقي کي ترڪ ڪري نئون طريقو اختيار ڪيو ۽ مسجد ۾ جيترو به ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو، ان جي اصليت جي شان کي قائم رکيو.[2]
تصويرون
سنواريو-
مُک دروازو
-
مسجد جو اندريون ڏيک
-
مزر يار محمد ڪلهوڙو
-
مسجد جو پويون ڏيک