تڪبندي __(Tukabandi):


”تڪبندي “ نظم يا نثر قلمبند ڪرڻ وقت لفظن جي چونڊ کي چئبو آهي. چونڊ اڪثر ساڳين (هم آواز) لفظن جي ڪبي آهي. اهڙي قسم جي تڪ ۾ تڪ (ها ۾ ها) ملائڻ کي ”تڪبندي“ سڏيو آهي. عموماً تجنيس حرفي ۾ نظم جي نموني کي تڪبندي سڏيو آهي، پر اڄڪلهه تڪبندي، خيال ۽ مقصد کان سواءِ بيڪار تصور ڪئي ويندي آهي. نثر جي سلسلي ۾ مقفع نثر (قافيہ بندي) وارو نمونو تڪبندي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي