تجنيس حرفي
تجنيس حرفي (Alliteration) ”تجنيس“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لفظي معنيٰ آهي ”هڪجھڙو هجڻ، مطابقت هجڻ“ ۽ ”حرف“ جي لغوي معنيٰ آهي ”اکرن جي جنس“. تنھن ڪري ”تجنيس حرفي“ جو مطلب ٿيندو، ”اکرن جي هڪجھڙائي يا مطابقت هجڻ“. علم بيان ۾ ”تجنيس حرفي“ جو مطلب آهي، شعر جي ڪنھن مصرع ۾ ساڳئي يا هڪجھڙي اکر سان شروع ٿيندڙ ڪيترائي لفظ اچن. سنڌيءَ ۾ ورجاءُ بہ تجنيس ۾ شامل ٿئي ٿو، جنھن سان بيتن جي مضمون ۾ سھڻائپ، رنگيني، تسلسل ۽ هم آهنگي پيدا ڪجي ٿي. شاھ لطف الله قادري سڀ کان پھرين پنھنجي شاعريءَ کي وڌيڪ دلڪش بنائڻ لاءِ نئين ٽيڪنڪ وارڻ يا ورجاءُ جو استعمال ڪيو آهي. مثال: حسن حبيبن جو پسين جي هيڪار، تہ توکي سڀ ڄمار، وڃي اڃ ورهن جي تجنيس جا خوبصورت مثال شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا: ملهہ مھانگو قطرو، سڪڻ شهادت اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو! شاھ لطيف جي بيت جي هن سٽ ۾ اکر “ڪ” تجنيس حرفي طور ڪم آيل آهي. ڪن ڪٽ ڪاپپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن چير[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.