تڙدوس تعلقه ڇاڇرو ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: 1. تڙدوس، 2. سومڙهار، 3. وائوڙي اولڊ، 4. ڪروڙو، 5. جانو جي ڍاڻي، 6. لالو جي ڍاڻي. تڙدوس تعلقه ڇاڇرو جي يونين ڪائونسلن پڻ آهي، ان جو شمار ٿرپارڪر جي وڏن ۽ قديم ڳوٺن ۾ اچي ٿو. ھندستان ۽ پاڪستان جي تقسيم کان اڳ ۾ ئي آباد آهي. ھن ڳوٺ جو اصل نالو دوست جو تڙ ھيو جيڪو بعد ۾ ھتان جا رهواسي تڙدوس جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ ھاڻي انھيءَ جو نالو به تڙدوس پئجي ويو.

راجستان مان ماروئڙا مال چارڻ جي ڪري ٿر جي مختلف علائقن ۾ گھمندا ڦرندا هئا انھيءَ وسيلي دوست محمد درس به انهي علائقي ۾ اچي پھتو جتي ھينئر تڙدوس آباد آهي.

ان وقت اتي ڪابه آبادي نه ھئي، دوست محمد درس اتي ان وقت ھڪ قديم زماني جو تڙ کوھ ڏٺائين ۽ بعد ۾ پنھنجا ٻار ٻچا وٺي اتي رھڻ لڳو ۽ ان کي دوست جو تڙ نالي سان سڏيندا رھيا. ھن ڳوٺ ۾ ڪل ڇھ قومون درس راهمون سميجو جوڻيجا ساند ڀيل آباد آهن.