تفسير (Explanation)، اهو بيان جو پوري سمجهاڻيءَ سان هجي، جنھن کي تشريح بہ چيو ويندو آھي.قرآن شريف جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي. هيءُ لفظ علم ۽ فلسفي جي ڪتابن جي شرح لاءِ ڪتب ۾ آندو ويندو آهي. اسلامي اصطلاح ۾ هن لفظ جي مراد ئي ”علم تفسير“ آهي، يعني علم جي اها شاخ، جنهن کي ”علم القرآن“ ۽ تفسير چوندا آهن. هي ”علم حديث“ جي هڪ خاص ۽ اهم شاخ آهي.عظيم مورخ طبري (1310ھ/1892ع) جي فن تفسير بابت هڪتصنيف موجود آهي، جنهن ۾ حديثن جو وڏو تعداد شامل آهي. اهڙي طرحزمخشري (متوفي 550ھ/1155ع) معلم الاخلاق ۽فقھہ ۽ لغت جو ڪامل ماهر ٿي گذريو آهي. ”تفسير الڪشاف“ کي بهاسلامي دنيا ۾ قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي. البيضاوي (م685هه/1286ع) جو تفسير سڀ کان گهڻو مقبول رهيو آهي. هن فن جو اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو اڪثر مدرسن ۾ پڙهايو ويندو آهي. ٻين تفسيرن مانفخر الدين رازي جو تفسير (606ھ/1209ع) به اهم آهي، جنهن کي ”تفسير الڪبير“ چوندا آهن. مسلمانن پهرينءَ صدي هجريءَ ۾،سنڌ،ملتان ۾ پهچي اسلامي عقيدن جي تبليغ لاءِ مقامي ٻوليون استعمال ڪيون ۽ هر علائقي ۾ اتان جي مقامي ٻوليءَ ۾ اسلامي عقيدن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. تفسير جي مصنف کيمفسر چوندا آھن.تفسير جي دائري ۾ خصوصن ڪلاسيڪي عربي، اصول قانون ۽ دينيات جا معاملا اچن ٿا.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.