برکا دت

هندستاني ٽي وي صحافي ۽ ڪالمنسٽ

برکا دت (انگريزي ٻولي: Barkha Dutt) ڀارتي صحافي ۽ ليکڪا آهي. برکا اين ڊي ٽي وي سان 13 سال تائين لاڳاپيل ڪم ڪندي رهي، ۽ جنوري 2017 ۾ ان کان الڳ ٿي وئي.[2] ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ۾ ڪارگل جنگ 1999 جي رپورٽنگ کانپوءِ برکا صحافت جي ميدان ۾ اُڀري. ڀارت جو چوٿون وڏو شهري انعام پدم شري کانسواءِ برکا کي ڪيترن ئي پرڏيهي ملڪن ۽ بين الاقوامي تنظيمن پاران انعام مليا آهن. برکا انهن ڪجهہ اهم صحافين منجهان هڪ آهي، جن جو واسطو راڊيا ٽيپ تڪرار سان آهي.[3] اين ڊي ٽي وي تي برکا هفتيوار شو وي دي پيپل (We The People) ۽ روزانو پرائم ٽائم شو دي بڪ سٽاپس هيئر (انگريزي: The Buck Stops Here) جي هوسٽ هئي.[4][5]

برکا دت Barkha Dutt

ورلڊ اڪنامڪ فورم, 2010 ۾ دت
پيدائش ڊسمبر 1971 (عمر 52 سال) [1]
نيو دھلي, ڀارت انڊيا
تعليم سينٽ اسٽيفن ڪاليج، دهلي (BA)
جاميا مليا اسلاميا (ايم اي)
ڪولمبيا يونيورسٽي (ايم ايس)
پيشو نيوز پرزينٽر سڌسماءُ ڏيندڙ
سَرگَرمُ سالَ سال 1991– کان هينئر تائين
اعزاز پدم شري

ذاتي زندگي سنواريو

برکا نئي دهلي ۾ 18 ڊسمبر 1971 تي ايس۔پي دت ۽ پرڀا دت جي گهر ۾ جنم ورتو هيو. برکا جو پيءُ ايس۔پي دت ايئر انڊيا جو هڪ آفيسر هيو، ۽ ماءُ هندستان ٽائمز سان واڳيل هڪ صحافڻ هئي.[6] برکا پنهنجي صحافت سان لاڳاپيل صلاحيتن جي واسطي پنهنجي ماءُ جون مهربانون مڃيندي آهي. برکا جي ننڍي ڀيڻ بهار دت پڻ هڪ ٽيلي ويزن صحافي آهي.[7] ۽ سي اين اين آءِ بي اين سان واڳيل آهي. مذهبي خيالن جي حوالي کان برکا پاڻ کي لاادري قرار ڏيندي آهي.[8][9] برکا يونيفارم سول ڪوڊ جي حامي آهي.[10][11] برکا ٽن طلاقن جي خلاف پڻ پنهنجا ويچارَ ونڊيا آهن.[12]

تعليم سنواريو

برکا سينٽ اسٽيفنز ڪاليج، دهلي کان انگريزي ادب ۾ بي۔اي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن جامعہ مليہ اسلاميہ منجهان ماس ڪميونيڪيشن (انگريزي: Mass communication) ۾ ايم۔اي ڪئي آهي. برکا ڪولمبيا يونيورسٽي جي گريجوئيٽ اسڪول آف جرنلزم منجهان صحافت ۾ ايم۔اي جي ڊگري پڻ ماڻي آهي.

ڪيريئر سنواريو

برکا پنهنجي صحافي زندگي جي شروعات اين ڊي ٽي وي تان شروع ڪئي. سال 1999 ۾ ڪارگل جنگ تي رپورٽنگ ڪيائين، جنهن ۾ برکا طرفان هڪ ميجر وڪرم باترا جو انٽرويو پڻ ڪيو ويو هيو، ان کانپوءِ برکا کي پوري ڀارت ۾ شهرت ملي هئي.[13][14] انکانپوءِ برکا ڪشمير، پاڪستان، افغانستان ۽ ايران جي تڪرارن کي ڪوريج ڏني آهي.[15] سال 2002 ۾ گجرات وڳوڙن کي رپورٽ ڪرڻ مهل برکا حملو ڪندڙن ۽ متاثر ماڻهن کي هندو ۽ مسلم سان سُڃاتو، جيڪو پريس ڪائونسل آف انڊيا جي اصول ۽ ضابطو کان ڀڃڪڙي ڪرڻ برابر هيو.[16] برکا پنهنجي ڪيترن ئي ڪمن تي ناڪاري راءِ ماڻي آهي. برکا اين ڊي ٽي وي جي گروپ ايڊيٽر هئي، ۽ فيبروري 2015 ۾ صلاحڪار ايڊيٽر هئي.[17] برکا 21 سال کانپوءِ جنوري 2017 ۾ اين ڊي ٽي وي کان الڳ ٿي وئي.[18]

لکڻيون سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Fr. Francis M Peter; Carlyle Mcfarland; M Lazer Selva; Illa Vij; Aparna Ghosh Dastidar. Grammar & More 8. Ratna Sagar. p. 143. ISBN 978-81-8332-460-1. https://books.google.com/books?id=XW9g9GA7-IwC&pg=PA143. 
  2. "NDTV Statement On Barkha Dutt". NDTV.com. 
  3. Udas, Sumnima (2 December 2010). "Leaked tapes put India, media in crisis". CNN. http://edition.cnn.com/2010/BUSINESS/12/02/india.leaked.tapes/. Retrieved 5 December 2010. 
  4. "Kumaon Literary Festival". kumaonliteraryfestival.org. حاصل ڪيل 2016-08-09. 
  5. "Celebrity Photo Gallery, Celebrity Wallpapers, Celebrity Videos, Bio, News, Songs, Movies". in.com/. وقت 11 August 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 August 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. "When a journalist ordered firing? : Capital Closeup". Blogs.hindustantimes.com. وقت 16 September 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 November 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named prabha
  8. "As Indian as they come". Hindustan Times. 
  9. "If I were Muslim...". 
  10. "Shame at Sabarimala: Why India's women need a uniform civil code". 
  11. "The fight against triple talaq is a fight for basic dignity". Hindustan Times. 
  12. "What India's liberals get wrong about women and sharia law". 
  13. Independence Day Thoughts, RaghuKrishnan, دي اڪنامڪ ٽائمز, 24 August 2003, accessed on 22 January 2012
  14. Rajdeep Sardesai, Vinod Dua and Barkha Dutt Conferred Padma Shri, MediaWire, 27 January 2008, accessed on 22 January 2012
  15. Three top TV news anchors get Padma Shri آرڪائيو ڪيا ويا 26 May 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., bollywood.com (IANS), 2008, accessed on 22 January 2012
  16. Sonwalkar, Prasun (2006). Cole, Benjamin. ed. Conflict, Terrorism And the Media in Asia. Routledge. p. 89. ISBN 9780415351980. https://books.google.com/books?id=K94uDkmRlEcC&pg=PA89. Retrieved 12 July 2013. 
  17. "Barkha Dutt Moves to Consulting Editor, NDTV Group". NDTV.com. 
  18. NDTV Statement On Barkha Dutt, Jan 15 2017