بجلي يا برقيات (انگريزي: Electricity) هڪ توانائي جو ذريعو آهي جيڪو مختلف وسيلن مان پيدا ڪيو ويندو آهي. بجلي يا برقيات فزڪس جي اهڙي شاخ آهي جنھن ۾ برقي چارج جي عمل ۽ اثر جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.

Lighting strikes on a city at night
Lightning (pictured) and urban lighting are some of the most dramatic effects of electricity

لفظ بجلي اصل ۾ بِجر يا وِجر يا وِڄَ آهي، جنھن کي اسان کنوڻ بہ چوندا آهيون. هندي ڏند ڪٿائن ۾ وڄ (وِجر) اندر ديوتا جو خاص هٿيار آهي، جنھن سان هن ڪيئي راڪاس ۽ اسر ماريا. سائنسي لحاظ کان بجلي توانائيءَ جو هڪ قسم آهي جيڪو قدرتي ۽ هٿرادو ذريعن مان حاصل ٿئي ٿو. هاڻُوڪي اصطلاح ۾ اها طاقت، جيڪا مصنوعي طرح ڊائنامو جي ذريعي پيدا ڪئي ويندي آهي. ان جي طاقت سان ضرورت جون شيون هلايون وڃن ٿيون.[1]

بجلي ٺاهڻ يا گڏ ڪرڻ جو تصور تہ انسان وٽ قديم دور کان موجود هو، جيڪو هن ۾ وڄ يا کنوڻ کي ڏسي پيدا ٿيو هو، پر اهو خواب ارڙهين صدي عيسويءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ پورو ٿيو، جڏهن ايڊيسن تار واري تند سان جهڙالي ۾ لغڙ اڏايو، جيڪو ڪڪرن ۾ وهندڙ بجليءَ (وڄ) کي پسيل ڏور جي ذريعي ايڊيسن تائين کڻي آيو. ان کان پوءِ بجلي ٺاهڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ تي تجربا ٿيندا رهيا. اڄ بجلي سڄيءَ دنيا جي اهم ضرورت آهي. ايتري قدر جو ان کان سواءِ هاڻي جياپي جو تصور ناممڪن آهي. هن زمين تي پاڻيءَ جي وجود ۾ اچڻ سان گڏ بجليءَ جو نظام غيرمحسوس طريقي سان شروع ٿي ويو. ڌرتيءَ تي ڪا اهڙي شيءِ ناهي، جنھن ۾ بجليءَ جو وجود نہ هجي. جيئن بجليءَ جي ماپ جي اِڪائي کي ’اليڪٽران‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. بجليءَ ۾ بہ خصوصيت آهي، اُها بہ پاڻيءَ وانگر وهندي آهي.[1]

پيداوار

سنواريو

ڪڪرن ۾ وڄ (کنوڻ) انھيءَ ڪري ٿيندي آهي جو گهڻن اليڪٽرانن وارن ڪڪرن مان زياده الڪيٽران ڊوڙي ٿورن اليڪٽرانن وارن ڪڪرن سان وڃي گڏبا آهن. اليڪٽرانن جو وَهُڪرو اسان کي کنوڻ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. بجلي، جنريٽر جي وسيلي سان متحرڪ ڪئي ويندي آهي. اصل ۾ جنريٽر سان بجلي پيدا ڪانہ ٿي ٿئي، ڇوتہ بجلي هر مادي شيءِ ۾ موجود هوندي آهي. جنريٽر جو ڪم هوندو آهي مادي جي اليڪٽرانن کي متحرڪ ڪرڻ. اليڪٽران جڏهن حرڪت ڪن ٿا، تڏهن انھن جي توانائيءَ (طاقت) کي گهڻن ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهبو آهي. انهن جي ڪم ڪرڻ جي طاقت کي ”پاور“ چئبو آهي ۽ استعمال ٿيندڙ اليڪٽران جي ايڪي جو نالو ”واٽ“ رکيو ويو آهي. جيڪڏهن استعمال ٿيل بجليءَ جو حساب ڏسڻو هجي تہ ان جي پيمائش جو ايڪو ”ڪِلو واٽ“ ٿيندو، جنھن ۾ هڪ هزار واٽ جي طاقت سمايل ٿيندي آهي. بجليءَ جو وَهڪرو هميشہ ھڪ رخ وٺي هلندو آهي. بجليءَ جي انھيءَ وهڪ کي ”ڊائريڪٽ ڪرنٽ سسٽم“ (D.C) بہ چوندا آهن. پر ضروري ناهي تہ وهڪرو هميشہ هڪجھڙو ڪم آڻجي، ان جي وهڪري جي رُخ کي تبديل بہ ڪري سگهجي ٿو. اهڙي متبادل نظام کي ”الٽرنيٽنگ ڪرنٽ سسٽم“ (AC) چوندا آهن. جنهن شيءِ مان بجليءَ جو وهڪرو آسانيءَ سان گذري وڃي، ان کي پسرائيندڙ يا وهڪرو جاري رکندڙ چئبو آهي. سڀئي ڌاتو جھڙوڪ چاندي، لوھ، ٽامو، جست عمدا بجلي پسرائيندڙ ڌاتو آهن. ڪي شيون جن مان بجلي لنگهي ڪانہ سگهندي آهي، اُنھن ۾ شيشو، رٻڙ ۽ گندرف آهن. بجليءَ جي وهڪري جو خاص اثر مقناطيسي ڪشش پيدا ڪرڻ آهي، جنھن مان گرمي پيدا ٿئي ٿي. بجلي اوڻيھين صديءَ جو سڀ کان پراسرار عطيو آهي. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ ”وولٽا“ بيٽري تيار ڪئي وئي. ان کان ڪجهہ عرصو پوءِ ”اورسيڊ“ ڏيکاريو تہ برقي لھر سان مقناطيسي قوت پيدا ڪري سگهجي ٿي. ”امپيئر“ ڳولي لڌو تہ تارن جي هڪڙي ويڙهي مان ڪنھن رابطي کان سواءِ ٻئي ويڙهي ۾ بجليءَ جو وهڪرو پيدا ڪري سگھجي ٿو. آخر ۾ ”فيراڊي“ دريافت ڪئي تہ هڪڙيءَ تار جي ويجهو مقناطيس حرڪت ڪري تہ تار ۾ بجلي پيدا ٿي پوندي آهي. اهڙيءَ طرح اها سڀ معلومات ملي ويئي، جن مان وڏيون وڏيون ايجادون وجود ۾ آيون؛ يعني ٽيلي گراف، جيڪو 1844ع ۾ ’مارس‘ ايجاد ڪيو؛ ٽيليفون جيڪو 1876ع ۾ ”اليگزينڊر گراهم بيل“ ايجاد ڪيو؛ ڊائنامو، جيڪو فيراڊي 1841ع ۾ ايجاد ڪيو ۽ بجليءَ جو بلب جيڪو ٿامس ايڊيسن 1879ع ۾ ايجاد ڪيو. بجليءَ جي توانائيءَ، اسان وٽ توانائي جي اهم قسمن مان هڪ آهي. اها اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها گهرن ۽ ڪارخانن ۾ روزمره استعمال ٿيندڙ بجليءَ جي اوزارن ۾ استعمال ٿيندي آهي.[1]

خارجي لنڪس

سنواريو