اليگزينڊر گراھم بيل
اليگزينڊر گراھم بيل | |
---|---|
(انگريزي ۾: Alexander Graham Bell)[1] | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 3 مارچ 1847 [2][3][4][5][6][1][7][8][9][10][11][12][13] ايڊنبرا [1] |
موت | 2 آگسٽ 1922 (75 سال)[14][3][1][8][10][11][12][13] |
وجه موت | ڊيابطس [15] |
شھريت | آمريڪا (1882–1922)[1] عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت (1847–1882)[1] |
قد | |
وزن | |
عملي زندگي | |
پيشو | ڪاروبار ڪندڙ ،پروفيسر |
مادري ٻولي | انگريزي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | ايَ ايس ايل [16]،انگريزي ٻولي [3] |
دستخط | |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |
سائنسدان ۽ ٽيليفون جو مؤجد اليگزينڊر گراهم بيل اسڪاٽلئنڊ جي شهر ”ايڊنبرا“ ۾ 3 مارچ 1847ع تي ڄائو. 1858ع ۾ ”ايڊنبرا“ جي رايل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد، 1863ع ۾، ويسٽن هائوس اسڪول ۾ استاد ٿيو. بعد ۾ 1866ع ۾ ”سومرسٽ شاير“ ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کانسواءِ لنڊن ۾ ٻوڙن جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان دوران لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي تعليم کي پڻ جاري رکيائين. 1870ع ۾ والدين سان گڏ ڪئناڊا ويو ۽ 24 سالن جي عمر ۾ 1873ع ۾ بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي ميبل هبارڊ (Mabel Hubbard) سان سندس پهرين ملاقات ٿي. ان دؤران هو ”هارمونڪ ٽيليفون“ جا تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1875ع ۾، ٽيليفون ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. 10 مارچ 1876ع تي هن دنيا جو پهريون ٽيليفون پيغام موڪليو ۽ ساڳئي ئي سال 25 جون تي فلاڊيلفيا (Philadelphia) ۾ ٽيليفون جي نمائش جو اعلان ڪيائين. 9 جولاءِ 1877ع تي ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. اليگزينڊر 11 جولاءِ 1877ع تي ”ميبل هبارڊ“ (Mabel Hubbard) سان شادي ڪئي. 1879ع ۾ ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ مان استعيفيٰ ڏئي، اسڪاٽلئنڊ جي ”گريناڪ“ شهر ۾ ٻوڙن ٻارڙن لاءِ اسڪول قائم ڪيائين. ان کان پوءِ هن 1883ع ۾ واشنگٽن ۾ ٻوڙن جي لاءِ هڪ الڳ اسڪول کوليو. هن 1886ع ۾ ”باديڪ بي“ شهر ۾ ذاتي جڳھ خريد ڪري، هڪ لئبارٽري قائم ڪئي. آمريڪا ۾ ٻوڙن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو. ان کان سواءِ ”نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ“ ۾ ”سمٿ سونين“ اداري جو صدر پڻ ٿيو. ٽيليفون ذريعي، دنيا کي ”گلوبل نيٽ“ (Globel net) بڻائيندڙ هن عظيم سائنسدان، 75 سالن جي عمر ۾ 2 آگسٽ 1922ع ۾ وفات ڪئي.[17]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 https://www.biography.com/people/alexander-graham-bell-9205497 — اخذ شدہ بتاریخ: 19 جُولاءِ 2018
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ 3.0 3.1 3.2 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb13746617f — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6wm1fs5 — subject named as: Alexander Graham Bell — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/2125 — subject named as: Alexander Graham Bell — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ subject named as: Alexander Graham Bell — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Bell, Alexander Graham (03 March 1847–02 August 1922), inventor and educator — شائع شدہ از: American National Biography Online — https://dx.doi.org/10.1093/ANB/9780198606697.ARTICLE.1300115
- ↑ Dictionary of Canadian Biography ID: http://www.biographi.ca/en/bio/bell_alexander_graham_15E.html — subject named as: ALEXANDER GRAHAM BELL — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: University of Toronto ۽ Laval University — مدیر: George Williams Brown ، David Mackness Hayne ، Francess Halpenny ، George Ramsay Cook ، John English ، Marcel Trudel ، André Vachon ۽ Jean Hamelin — عنوان : Dictionary of Canadian Biography — ناشر: University of Toronto Press ۽ Presses de l'Université Laval
- ↑ 8.0 8.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/bell-alexander-graham — subject named as: Alexander Graham Bell
- ↑ Artists of the World ID: https://www.degruyter.com/document/database/AKL/entry/_30021316/html — subject named as: Alexander Graham Bell — مدیر: Andreas Beyer ۽ Bénédicte Savoy — عنوان : Artists of the World Online — ناشر: K. G. Saur Verlag ۽ De Gruyter — https://dx.doi.org/10.1515/AKL
- ↑ 10.0 10.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0008759.xml — subject named as: Alexander Graham Bell — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
- ↑ 11.0 11.1 GeneaStar person ID: https://www.geneastar.org/genealogie/?refcelebrite=bella — subject named as: Alexander Graham Bell
- ↑ 12.0 12.1 Roglo person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=7929&url_prefix=https://roglo.eu/roglo?&id=p=alexander+graham;n=bell — subject named as: Alexander Graham Bell
- ↑ 13.0 13.1 Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/11685 — subject named as: Alexander Graham Bell — عنوان : Proleksis enciklopedija
- ↑ IMDb ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=345&url_prefix=https://www.imdb.com/&id=nm1745080 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015
- ↑ http://www.science.ca/scientists/scientistprofile.php?pID=120
- ↑ مصنف: Oliver Sacks — صفحہ: 27 — ISBN 978-0-520-06083-8 — اقتباس: a fluent signer on his fingers - as good as any deaf-mute
- ↑ اليگزينڊر گراھم بيل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، پاران سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.