پرڀات يا باک هيءُ لفظ فجر جي مهل لاءِ ڪم ايندو آهي، جو ان مھل سج جا ڪرڻا اُهاءُ ڏيندا آهن ۽ ڪرڻن جو سھاو ٿيندو آهي. انھيءَ مھل کي ’باک‘ انھيءَ ڪري چوندا آهن، جو ’باک‘ جي معنيٰ آهي پرھ، اهڃاڻ، سج اُڀرڻ جو اُهاءُ، يعني اُهو اُهاءُ، سج اُڀرڻ جو اڳواٽ ڄڻ تہ اطلاع آهي يا اهڃاڻ آهي.

ڦُٽي باک، ڦاڪون ٿي ڦولار ۾ (تاجل بيوس)

عموماً اصطلاح آهي ’باک ڦُٽڻ‘، معني‘ ڏينھن جي روشنيءَ جو ڦوٽهڙو، صبح صادق جو اُهاءُ، سج جي ڪرڻن جي پکيڙ وغيره. ان مھل کي ”پرھ ڦٽيءَ“ بہ چوندا آهن.[1]