اردو زبان جي نامور ناول نويس ۽ ڊرامه نگار بانو قدسيہ جو اصل نالو قدسيه بانو قدسيه آهي. هيءَ 28 نومبر 1928ع تي فيروزپور ۾ پيدا ٿي. 1950ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اردو) جي ڊگري ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مشهور افسانه نگار ۽ ڊرامه نويس اشفاق احمد سان شادي ڪيائين. هن پنهنجي مڙس سان گڏجي هڪ ادبي رسالو ”داستان“ به جاري ڪيو. هن ريڊئي ۽ ٽيليويزن لاءِ ڊراما لکيا. هندستان ۽ پاڪستان جي ادبي رسالن ۾ سندس افسانا ڇپجي چڪا اٿس. هن جون ڪجهه تصنيفون هن طرح آهن[1]:

بانو قدسيہ
بانو قدسیہ

ستارہ امتياز
ھلال امتياز
مقامي ٻوليء ۾ نالو بانو قدسیہ
قدسیہ چٺہ
پيدائش قدسيہ چٺہ
28 نومبر 1928ع
فيروزپر، پنجاب، برطانوي ھندستان
وفات 4 فيبروري 2017ع (عمر 88 سال)
لاهور، پاڪستان
ڌنڌو
قوميت پاڪستاني
مادرِ علمي
موضوع
مُکيه ڪم راجا گڌ (1981ع)
ايوارڊ ستاره امتياز (1983ع)،
ھلال امتياز (2010ع)،
ڪمالِ-فن اوارڊ (2012ع)،
لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2016ع)
جيون ساٿي اشفاق احمد خان (1956ع– 2004ع)
اولاد عنيق احمد خان، انيس احمد خان، اثير احمد خان
ناول: ’ايڪ دن‘، ’پروا‘، ’شهر بي مثال‘، موم ڪي گليان‘ ’چهار چمن‘، ’راجا گڌ‘، ”حيرت ڪده“
افسانن جا مجموعا: ’ناقابل ذڪر‘، ’باز گشت‘، ’امر بيل‘، ’ڪڇ اور نهين‘، ’آتشِ زير پا‘
ڊراما: ’آڌي بات‘، ’دوسرا قدم‘، ’حوا ڪي نام‘ ۽ ’تماثيل‘.

هن قدرت الله شهاب جي باري ۾ هڪ تاثراتي ڪتاب ’بردا بريشم‘ جي نالي سان پڻ لکيو. هن جي شهرت جو سبب سندس ناول ”راجا گڌ“ بڻيو.[1]

وفات سنواريو

بانو قدسيہ 4 فيبروري 2017ع تي اتفاق اسپتال لاهور ۾ 88 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي. ھن جي پٽ اثير احمد ٻڌايو تہ ھن سج لٿي جي نماز وقت وفات ڪئي.[2] ھن کي 5 فيبروري تي لاھور تي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ نماز جي ادائگي ماڊل ٽائون، لاھور ۾ ٿي.[3]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. Ahmed, Shoaib (5 February 2017). "Celebrated writer Bano Qudsia is no more". Dawn. https://www.dawn.com/news/1312818/celebrated-writer-bano-qudsia-is-no-more. Retrieved 5 February 2017. 
  3. "Bano Qudsia laid to rest in Lahore". Radio Pakistan. حاصل ڪيل 6 February 2017.