اشفاق احمد

اشفاق احمد
معلومات شخصيت
ڄم 22 آگسٽ 1925[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 7 سيپٽمبر 2004 (79 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لاهور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of Pakistan.svg پاڪستان
British Raj Red Ensign.svg برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
زال بانو قدسيه  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو فلسفي،ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ويب سائٽ
IMDb logo.svg IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

مشهور اردو اديب ۽ افسانه نگار اشفاق احمد، 22 آگسٽ 1925ع تي مڪتسر ضلعي فيروزپور ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ڊاڪٽر محمد خان هو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان ايم. اي ڪيائين ۽ ديال سنگهه ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ٻن سالن تائين روم يونيورسٽِي ۾ اردو جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي اطالوي زبان ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين. فرانسيسي زبان جو ڊپلوما گرينوبل يونيورسٽي فرانس مان حاصل ڪيائين ۽ نيويارڪ مان ريڊيائي نشريات جي تربيت حاصل ڪيائين. وطن واپس اچڻ کانپوءِ هن پنهنجو اشاعتي گھر ”داستانِ سراءِ“ جي نالي سان قائم ڪيو ۽ رسالو ”داستان گو“ جاري ڪيائين. 1958ع ۾ جڏهن مارشل لا دوران هڪ حڪم تحت پروگريسو پيپرز لميٽڊ کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ته پاڻ هفتيوار ”ليل و نهار“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. هڪ سال تائين پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ پنجابيءَ جو اعزازي ليڪچرر رهيو. ان کانسواءِ آرسي ڊي جي علاقائي ثقافتي انسٽيٽيوٽ ۾ چئن سالن تائين ڊائريڪٽر جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ تقريباً ٽيهن سالن تائين اردو سائنس بورڊ جو ڊائريڪٽر رهڻ کانپوءِ رٽائر ٿيو. اشفاق احمد کي تصوف سان تمام گهڻي رغبت هئي. ريڊيو نشريات مان ”تلقين شاهه“ هن جو سڀ کان مقبول فيچر هو. پاڪستان ٽيليوزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا، ليڪن ”ايڪ محبت سو افساني“ تمام گهڻو مشهور ٿيو. جڏهن ته ”من چلي کا سودا“ ۽ افسانن ۾ ”گڊريا“ لافاني تخليقون اٿس. 1979ع ۾ کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي تمغو ڏنو ويو ۽ کيس 1997ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. اشفاق احمد نامور اديبه بانو قدسيه جو گھر وارو هو. هن جون تصنيفون هي آهن: ”سفر در سفر“، ”گلدان“، ”حسرت تعمير“، ”جنگ بجنگ“، ”صحاني افساني“، ”ايک هي بولي“، ”ايک محبت سو افساني“، ”من چلي کا سودا“، ”حيرت کده“، ”شاهله کوٽ“، ”سفر مينا“، ”طلسم هوش افزاء“، ”واع جنگ“، ”گڊريا“، ”اجلي پهول“، ”ننگي پاؤن“، ”طوطا ڪهاني“، ”ٽاهلي ٿلي“، ”اچي برج لهور دي“، ”بابا صاحبا“، ”کهٽيا وٽيا“ (پنجابي شاعري)، ”اور ڊرامي“، ”دهينگا مشتي“، ”ذکر شباب“ ۽ ان کانسواءِ هن ريڊيو ۽ ٽي.وي تي ڪيترائي ڊراما ۽ افسانا پڻ نشر ٿيا. پاڪستان جي هن نامور شاعر، اديب، افسانه نگار، ماهرِ تعليم، صحافي، براڊ ڪاسٽر ۽ صوفي صفت ڏاهي، 7 سيپٽمبر 2004ع تي وفات ڪئي.[2]

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb137548469 — subject named as: Ashfāq Aḥmad — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اشفاق%20احمد