اڇي پيٽ وارو چمڙو

اڇي پيٽ وارو چمڙو، هن چمڙي جا ٻہ قسم آهن. پھريون قسم سنڌ ۾ عام ٿئي ۽ ان جو قد گهڻو ڪري ننڍڙو ٿئي. اُن جي جسم جو رنگ مٿان پيلو يا ڀورو ۽ هيٺان ڦڪو يا گهڻو ڪري اڇو ٿئي ٿو. سندس پرن جا ڪنارا پڻ اڇا ٿين ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ اڇيون ليڪون بہ ٿين ٿيون. هيءُ چمڙو اڏامڻ ۾ ننڍڙي چمڙي وانگر آهستي اڏامي ٿو. هن جي مادي هڪ ئي وقت ٻہ ٻچا ڄڻيندي آهي. هيءُ چمڙو سنڌ ۾ گهٽ ٿيندو آهي. هن چمڙي کي پرن ۾ وڏيون ٿيلھيون ٿينديون آهن، جيڪي نر توڙي ماديءَ يعني ٻنهي جنسن ۾ موجود هونديون آهن. سندس ٻوٿاڙي تي وار ڪونہ ٿين، پر پڇ جي پوئين حصي تي ڇڊا ۽ ڊگها وار ٿين ٿا. هن قسم جا چمڙا، مختلف رنگن، جھڙوڪ اڇي ۽ ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. ڪن کي اڇا چٽ بہ ٿين. هيءُ چمڙو ڏينھن جي وقت غارن ۽ جاين ۾ رهندو آهي ۽ بدبوءِ پيدا ڪندو آهي.[1]

حوالا سنواريو