انڊورا
انڊورا (انگريزي: Andorra) جنھن جو سرڪاري نالو انڊورا جي پرنسپلٽي آهي آئبيرين اپٻيٽ جو خشڪي سان گھيريل ھڪ خودمختيار ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو اسپين ۽ فرانس جي سرحد تي واقع آھي. ان جي اتر م فرانس ۽ ڏکڻ ۾ اسپين واقع آهي. ھي ملڪ پکيڙ ۾ يورپ جو ڇھون نمبر ۽ دنيا جو 16ھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي جنھن جي پکيڙ 468 ڪلوميٽرزچورس (181 sq mi) آھي. ھتان جا ماڻھو ڪيٽلان واري اطالوي نسل جا آھن.[8] آبادي م وري دنيا جو يارھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.[9] ان جو گاديءَ جو هنڌ اينڊورا لاويلا آهي جيڪو يورپ جو بلند ترين گاديءَ جو هنڌ آهي جنھن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1٬023 ميٽر (3٬356 فٽ) آهي. [10] ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪيٽلان ٻولي آھي.
پرنسپلٽي آف اينڊورا | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
![]() | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | اينڊورا لا ويلا 42°30′N 1°31′E / 42.500°N 1.517°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | گاديءَ جو هنڌ | ||||
دفتري ٻوليون | ڪيٽلانb | ||||
نسلي گروھ | 48.8% انڊورن يا انڊوريائي 25.1%اسپيني 12% پورچوگيزي 4.4% فرينچ 9.7% باقي ٻيا | ||||
مقامي آبادي | اينڊورن يا اينڊوريائي | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني چونڊيل بادشاھت | ||||
جوئان اينرڪ وويز سسليا ايمونيئل ميڪرون | |||||
• گورنر جنرل |
جوزف ماريا مائري پيٽرڪ اسٽرزوڊا | ||||
• وزيراعظم |
زئويئر اسپوٽ زمورا | ||||
• سينڊڪ |
روزر سون پاسيوٽ | ||||
مقننه | اينڊورا جي جنرل ڪائونسل | ||||
قیام | |||||
• ايراگون کان |
8 سيپٽمبر 1278 [2][3] | ||||
• فرينچ ايمپائر کان |
1814 | ||||
• آئين |
2 فيبروري 1993 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
467.63 km2 (180.55 sq mi) (178th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.26 (121.4 ھيڪٽر)c | ||||
آبادي | |||||
• 2019 اندازو |
سانچو:واڌ 76,177[4] | ||||
• گھاٽائي |
179.8 /km2 (465.7 /sq mi) (71st) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$3.237 ارب ڊالر [5] |
انھن جو بنياد شارليمن (فرينڪ بادشاھ چارلس I) وڌو. ھن ملڪ تي سال 988ع تائين ھتان جو حاڪم ڪائونٽ آف اورغيل ھيو جنھن بعد رومن ڪيٿولڪ انتظاميه جي حاڪميت م آيو. موجوده پرنسپلٽي 1278ع ۾ فوئڪس جي ڪائونٽ، اورغيل جي بشپ جي وچ م ٿيل معاھدي تحت وجود م آئي جنھن مطابق ان علائقي تي ٻٽي حاڪميت واري گڏيل بادشاھت جي شروعات ٿي جن م حاڪم ھڪ ئي وقت ٻہ شھزادا مڃيا ويا جن ۾ ھڪ شھزادو اسپين جي ڪيٽلانيا واري ڪيٿولڪ بشپ ۽ ٻيو فرانس جي حاڪم طرفان شھزادو شامل ھيا ۽ اھڙي طرح ٻٽي حاڪميت واري ٻن شھزادن وارو راڄ جاري آهي. سن سان گڏوگڏ ھتي اسپيني، پورچوگيزي ۽ فرينچ پڻ عام ڳالھائي وڃي ٿي.[11] ھن ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو سياحت آهي. ھر سال ھتي ھڪ ڪروڙ کان مٿي سياح گھمڻ ايندا آهن.[12] ھي ملڪ يورپي يونين جو رڪن ملڪ ناھي پر پوء بہ ھتان جي سرڪاري ڪرنسي يورو آھي. ھن ملڪ 1993ع م گڏيل قومن جي رڪن ملڪ جو درجو حاصل ڪيو. [13]
حوالا
سنواريو- ↑ "Andorran Symbols". WorldAtlas.
- ↑ "Història d'Andorra". Cultura.ad. حاصل ڪيل 26 March 2019.
- ↑ "Andorra |". Enciclopèdia.cat. حاصل ڪيل 26 March 2019.
- ↑ "Population on 1 January". ec.europa.eu/eurostat. Eurostat. حاصل ڪيل 22 July 2019.
- ↑ Data in GDP from the World Bank
- ↑ "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018.
- ↑ "What side of the road do they drive on in Andorra". حاصل ڪيل 19 March 2019.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Minahan, James (2000). One Europe, Many Nations: A Historical Dictionary of European National Groups. Greenwood Publishing Group. p. 47. ISBN 978-0313309847. https://books.google.com/books?id=NwvoM-ZFoAgC.
- ↑ Malankar, Nikhil. "Andorra: 10 Unusual Facts About The Tiny European Principality". Tell Me Nothing. حاصل ڪيل 2017-06-13.
- ↑ "Maps, Weather, and Airports for Andorra la Vella, Andorra". Fallingrain.com. حاصل ڪيل 26 August 2012.
- ↑ "Background Note: Andorra". State.gov. حاصل ڪيل 2015-05-14.
- ↑ "HOTELERIA I TURISME". وقت 12 September 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 May 2015. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "United Nations Member States". Un.org. حاصل ڪيل 2015-05-14.