احمد نگر هندستان جي مهاراشٽر رياست جو هڪ شهر، شاهي گهراڻي جي باني ملڪ احمد نظام شاهه هن شهر تي 1490ع ۾ قبضو ڪيو. ان کان پوءِ هيءُ شهر مغلن، مرهٽن ۽ انگريزن جي قبضي هيٺ رهيو. هن شهر جي تاريخي جاين مان هڪ احمد نظام شاهه جو قلعو آهي، جنهن ۾ 1940ع واري ڏهاڪي دوران جواهر لال نهروءَ کي قيد ڪيو ويو هو. مولانا ابوالڪلام به احمد نگر جيل ۾ قيد رهيو هو. هن شهر جا مغل محل ۽ باغ به مشهور آهن. هيءُ شهر بمبئيءَ، پوني ۽ ٻين اهم شهرن سان ريل ۽ روڊ رستي ڳنڍيل آهي ۽ وڏو واپاري مرڪز آهي.[1][2]

حوالا سنواريو