انڌا اونڌا ويڄ

ڪتاب

هيءُ ڪتاب نامياري نقاد رسول بخش پليجي جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي.

انڌا اونڌا ويڄ
مصنف رسول بخش پليجو
ملڪ پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع تنقيدي ادب
شايع ڪندڙ اينسائيڪلوپيڊيا ڪارپوريشن حيدرآباد
روشني پبليڪشن
صفحا 160

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ابن حيات پنهور ڇپرايا. [1]

هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي. هن ڪتاب ۾ 160 صفحا آهن ۽ قيمت 3 رپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، اينسائيڪلوپيڊيا ڪارپوريشن حيدرآباد سال 1967ع ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ پڌرا ٿيا آهن.

ڪتاب جو نالو

سنواريو

ڪتاب جو نالو، شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي سر ڪلياڻ جي سٽ ”اَنڌا اونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙئا کانئيِن؟“ مان کنيل آهي.[2]

ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ، نام نهاد رجعت پرست ٽولي بابت آھي. جنهن ٽولي سنڌي اديبن ۽ شاعرن تي هٿ ٺوڪيون ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون هيون. [3]

  1. سنڌيانا, انسائيڪلوپيڊيا. "انڌا اونڌا ويڄ". encyclopediasindhiana.org. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. حاصل ڪيل 7 June 2018. 
  2. "سُر ڪلياڻ". bhurgri.com. حاصل ڪيل 7 June 2018. 
  3. منگي, عرفان. "سنڌ کي رسول بخش پليجي جو جنم ڏينهن مبارڪ". awamiawaz.com. عوامي آواز. حاصل ڪيل 7 June 2018.