ڪلياڻ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي ۔ هن جي معنىٰ آهي "سک" ۔ هي سر قلب کي سڪون بخشي ٿو ۽ رسالي جي ترتيب مطابق پهريون نمبر آهي ۔ هي سر الله جي حمد و ثنا سان شروع ٿئي ٿو ۔۔ ان کان پوء پيغمبر ڪريم صلى الله عليه وسلم کي دنيا جي پيدائش جو سبب ڄاڻائي ٿو ۔

داستان پهريون

سنواريو

ساراه هڪ ڌڻيءَ جي جڳائي، جو ٻنهي جهانن جو والي آهي ۽ جنهنجو ثاني ٻيو ڪو به نه آهي. جي سندس هيڪڙائيءَ کي مڃن ٿا، سي ڪڏهن به راه تان ٿڙن نه ٿا ۽ کين ڪوبه ڏک نه ٿو رسي. سچي ڄاڻ وارا صاحب هميشه سن ۾ ٿا گھارين ۽ سارو وقت روحاني ديس جو سير پيا ڪن. کٽڻ ۽ هارائڻ جو هنڌ هيءَ دنيا ئي آهي. هتي ئي ”جنت جو جام“ حاصل ڪري ٿو سگھجي. هيءَ سموري ڪثرت (گھڻائي) هيڪڙائيءَ مان پيدا ٿي آهي. هي سمورو مانڊاڻ هڪ محل آهي، جنهن کي سهسين دريون آهن. دريءَ دريءَ مان هڪ ئي دلبر جو ديدار ٿو پسجي. هو نه عاشق، نه معشوق، نه خالق، نه مخلوق. پاڻ سونهن جو سر آهي ۽ پنهنجي حسن تي پاڻ حيران آهي.


1.
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.

2.
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.

3.
اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛
بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين.

4.
آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُور؛
لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛
مولي ڪيو معَمُور ، انگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.

5.
وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛
هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛
ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.

6.
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛
ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان.

7.
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛
کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛
پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.

8.
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.

9.
سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.

10.
عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛
خالق چَؤ مَ خام تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛
سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.


11.
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

12.
پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.

13.
پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛
پاڻهِين خلقي خُوب، پاڻهِين طالب تن جو.

14
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

15
ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون.

16
ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِريَمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.


وائي
سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
نينهن نيڻين، ڳُڻُ ڳالھ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.

داستان ٻيو

سنواريو
پرينءَ وٽ نيٺ پريم جي اَگھائي اَگھي ٿي. ويڄن جون سُتيون، پيڄون ۽ ڊڀ هن اَگھائيءَ ۾ ڪو به اثر نه ٿا ڪن. عاشقن لاءِ سُوري سينگار آهي ۽ مرڻ مشاهدو. جنکي سچي شراب جي طلب آهي، تن کي پنهنجو سر ڪلال جي هٽ تي وڍائڻو آهي. جن سچي شراب جي سُرڪي، سِر جي عيوض ملي ته به سستي چئبي. هي هڏو ۽ چم، پرينءَ جي جي پِڪ برابر به نه آهي. سپرينءَ سان گڏ هڪ ساعت گھارڻ سؤ سرن کان به مٿي آهي. سڪڻ جي معنىٰ ئي آهي سر ڏيڻ. هي بي بها شراب لکئي سان ٿو ملي، نه سر ڏيڻ سان.


1.
اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛
چَکيَمِ چڱائِي، سورانگھي سُورِيءَ تان.

2.
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.

3.
سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.

4.
سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿي.


5.
سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِهاڙيو چَنگ چڙهين؛
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچَار؛
پِرت نه پسِين پارَ، نيهن جِئان ئي نِڱيو.

6.
پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.

7.
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وڍيندڙَ هٿ ۾؛
پَسيو پَرِ عجيب جي، لِچيو وڃي لوهُ؛
عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو.

8.
ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ؛
مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا هٿڙا.

9.
اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباها؛
ڪات نه پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گَھٽِ؛
مٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ؟
ڪلالڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهي.

10.
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي؛
لاهي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي؛
تڪ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجھان گھوٽ! گھاٽي؛
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِر وَٽ سَرو سهانگو.

11.
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ؛
مَهيسَر جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ؛
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.

12.
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي ملھ مهانگو مَنڌُ؛
سَنباهج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ؛
هِيُ تنِين جو هنڌُ، مَن پاسِ مَرَنِ جي.

13.
عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.

14.
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوهُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوهُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.

15.
سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُہُ پَچارُون ڪنِّ؟
حُه ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ؛
پِڪُون سي پِينِّ، سِرَ جن جا سَٽِ ۾.

16.
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛
سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي هَٿ ۾.

17
اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪمُ؛
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛
هِيُ هڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.

18
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهن سَڌَ ٿئي؛
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن اچنِ؛
لڌا تي لَڀَنِ، مُلھِ مَهانگا سُپرينِ.

19.
مُلھ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.


وائي
مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سهي سُڃاتو؛
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجھيو سُون؛
پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛
جِئڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏينهن مِڙيئي ڏُون؛
اَلا، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، آهين تُون ئي تُون.

داستان ٽيون

سنواريو

1.
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ؛
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛
طَبيبن تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.

2.
اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، هادِي جنهن حَبِيبُ؛
تِرُ تَفاوتُ نه ڪري، تنهنکي ڪو طَبِيبُ؛
رَهَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.

3.
ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ؛
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ؛
خَنجرُ تنهن خُوب هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ؛
صاحِبُ رَبُّ ستَّارُ، سوجھي رَڳُون ساهَ جون.

4.
رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.

5.
سو ئِي راهَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَهَنُماءُ؛
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَ تُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.

6.
سِڪِين ڪُہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪہ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.

7.
مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.

8.
پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.

9.
تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي؛
’فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ‘، اِيَ پَرُوڙِج بات؛
هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.

10.
پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ؛
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏهانڪُون نه لهي.

11.
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حَبِيبَ جو؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ؛
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ؛
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.

12.
ڪوٺي ڪُهي سُپرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ؛
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.

13.
ڪوٺڻُ قَريبَـنَ جو، عيـنُ تَڙڻُ آهِ؛
اِيَ اُلٽي ڳالَھڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ؛
آسَرَ هَڏِمَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.

14.
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَـهَنِ، ڪَرَ لَـهَنِ تان ڪُهَنِّ؛
سيئِي ماءِ! مُهَنِّ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.

15.
ڪُهي سو ڪَرَ لَـهَي، ڪوٺي سو قَريبُ؛
اِها عادتَ سِکيو، هَر زَمان حبيبُ؛
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.


وائي
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛
پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ؛
اَديُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ.

"هن سُر ۾ وحدت، ڪثرت ۽ الله جي هيڪڙائيءَ جو بيان ڪيل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن سُر کي پنجن داستانن ۾ ورڇيو آهي، جڏهن ته عام رواجي قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ هي سُر ٽن داستانن ۾ ورڇيل آهي. هن سُر جو داستان ٽيون سڄو ”سرآسا“ تان کنيل آهي. ٻين داستانن ۾ به ڪي بيت ”سُر آسا“ مان ٽپايا ويا آهن. داستان پهريون: داستان پهرئين ۾ ڪل 34 بيت ۽ هڪ وائي رکيل آهي. عام نسخن ۽ ڇاپي رسالن ۾ هن داستان ۾ 22 کان 23 بيت ڏنل آهن. ”تون چو الله هيڪڙو“ واري فقري سان شروع ٿيندڙ بيت ڪن ٻين سالڪن جا آهن يا فقيرن اڳين سالڪن جي بيتن تي تتبع ڪيا آهن. بيت نمبر 17 ۾ شاهه عبدالڪريم جي هڪ بيت جي سٽ تضمين طور ڪم آندل آهي. ڪي بيت ”سُر آسا“ مان کنيا ويا آهن. بيت نمبر30 روميءَ جي بيت جو ترجمو آهي. بيت نمبر31 قاضي قادن جو آهي ۽ بيت نمبر32 محمد بقا شاهه ڏانهن منسوب آهي. هن داستان مان ڪافي ڌاريان بيت الڳ ڪيا ويا آهن، جن جو تفصيل رسالي جي جلد ڏهين ۾ ڏسڻ گهرجي، پر اڃا به ڪي بيت اهڙا اچي ويا آهن، جيڪي ٻين سالڪن جا آهن. داستان ٻيو: ”سُر ڪلياڻ“ جي داستان ٻئي ۾ ڊاڪٽر صاحب 24 بيت ۽ هڪ وائي رکي آهي. هن داستان ۾ بيتن جي ترتيب سهڻي رکيل آهي. بيت نمبر8۽9 ٻئي عبدالرحيم گورهڙيءَ ڏانهن پڻ منسوب آهن. هن داستان جو بيت نمبر11عطاٺٽويءَ ڏانهن منسوب آهي. بيت 14ڀڳت ڪبير جي بيت جو ترجمو آهي. بيت نمبر22 سُر آسا مان کنيو ويو آهي. هن بيت کان اڳ ”سُرآسا“ ۾ ٻه بيت ٻيا به آهن، جيڪي هن بيت سان سلهاڙيل آهن ۽ سڀني رسالن ۾ لاڳيتا رکيل آهن. داستان ٽيون: هن داستان ۾ ڪل 24بيت ۽ هڪ وائي ڏنل آهي. بيت نمبر2 ڀڳت ڪبير جي بيت جو ترجمو آهي. بيت نمبر 18خواجه محمد زمان لنواري واري جو آهي ۽ بيت نمبر 24 دوهي جي صورت ۾ آهي، جيڪو شاهه کان اڳ جي ڪنهن سالڪ جو چيل ٿو ڏسجي. باقي سڀيئي بيت ”سُرآسا“ مان کنيا ويا آهن، جن جو”سُرڪلياڻ“ سان ڪو تعلق ڪونهي داستان چوٿون: هن داستان ۾ ڪل 39 بيت ۽ ٻه وايون ڏنل آهن. بيت نمبر ٻيو (عاشقن الله جي) کنڌيءَ وارن بيتن سان شروع نه ٿو ٿئي، اُن کي بيت نمبر پنجين کان پوءِ رکجي ها. بيت نمبر6 آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب”هرگنيو“ ۾ ٽن سٽن سان ڏنل آهي. بيت نمبر9 جي قافين ۾ نقص آهي. بيت نمبر 19 جي آخري سٽ حجام شاعر جي بيت ۾ پڻ ڏنل آهي، عاشق معشوقن جي کنڌيءَ وارا بيت موکيءَ ۽ متارن واري داستان سان تعلق رکن ٿا، اُنهن کي سُريمن جي داستان_6۾ رکجي ها. بيت نمبر 34 جون آخري ٻه سٽون سُريمن جي داستان چوٿين ۾ بيت نمبر21 جي صورت ۾ موجود آهن. اُن کان علاوه بيت نمبر 34 ٻين سڀني نسخن ۾ ٽن سٽن سان ڏنل آهي. داستان پنجون: هن داستان ۾ 26 بيت ۽ هڪ وائي رکيل آهي. بيتن جي ترتيب سلسليوار رکيل آهي. بيت نمبر11 جي پهرين مصرع شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ جي بيت ۾ پڻ موجود آهي. بيت نمبر 20 شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ جي رسالي ۾ به ڏنل آهي. بيت نمبر 21 آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ڪتاب”هرگنيو“ ۾ ٿوري فرق سان موجود آهي."[1]

  1. شاهه جو رسالو_معياري متن(جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو) ناسف علي شيراز ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع