انفراديت __(Individuality):

انفراديت ڪنھن تخليق جي عظمت جو اھڃاڻ ٿئي ٿي. ان ئي عنصر جي ڪسوٽيءَ ذريعي ڪنھن به تخليقي شھپاري جي فني ۽ فڪري پھلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگھجي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته انفراديت ڪنھن تخليق (Creation) جي سڃاڻپ، علحدي خاصيت ۽ اهڃاڻ آهي. جديد شاعرن پنھنجي ذاتي محسوسات، مشاھدن، احساسن ۽ تجربن کي ھڪ انوکي انداز ۾ بيان ڪيو اھي. تشبيھن، استعارن اصطلاحن ۽ محاورن جو اظھار بگ نرالي ۽ پيرائتي انداز ۾ ڪيو اھي. جيئن اياز چيو اھي تھ: جتي لڪ لڳي جت اڪ ڦٽن سو ديس مسافر منھنجو ڙي جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو ۽ اک الا ٿي نڪري ٿو جت ڏينھن ڪڙھائي جيئن ڪڙھن سو ديس مسافر منھنجو ڙي (شيخ اياز)[1]

حوالاسنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي