محاورو __(Idiom):

عربي لفظ ’حَاوَرَ‘ جو اسم مصدر ’محاورة‘ ڄاڻايو ويو آهي، جنهن جي معنى ٿي ورندي، وراڻي (جيڪا ڳالهه ورائي چئجي يعني جواب) مڪالمو يا مباحثو. اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنى بدران، ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي، انھيءَ کي ‘محاورو يا اصطلاح’ چئبو آهي.لفظ ‘محاوري’ جي اشتقاق ۽ مختلف لغتن مان جيڪا معنى ۽ مفهوم سامهون اچي ٿي تن مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته لفظ ‘اصطلاح’ ۽ ‘محاورو’ ٻه مختلف اسم آهن. يقيناً انهن جي استعمال ۾ به فرق هوندو. [1]..هيءُ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جتان اهو فارسيءَ ۾ ڪتب اچڻ لڳو. ائين محاورو عربي مان فارسيءَ ۾ ۽ پوءَ فارسي مان هندي، اُردو، سنڌي، پنجابي ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ ڪَتب اچڻ لڳو. ’محاوري کي عربيءَ ۾ ’محاورت‘ ڪري اُچاريندا آهن. اصل ۾ اِهو ’حاور‘ يا ’حوَر‘ فعل مان نڪتو آهي. محاوري جو مطلب آهي- موٽائڻ، ورندي ڏيڻ. اڳتي هلي ان جو مطلب گفتگو، ڳالھ- ٻولھ، لفظن جو ميڙ، روايت ۽ اصلاح وغيره نڪرڻ لڳو. محاوري جو جمع ”محاورا“ آهي.

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي