انجير
انجير هن وقت سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ گهرن ۽ باغن ۾ پوکجي ٿو، ليڪن اصل ۾ جابلو وڻ آهي. هن وڻ جي گل کي ”انجير“ چئجي ٿو. انجير جابلو وڻ جو ڦر آهي، جيڪو ميوي طور به کائجي ۽ سُڪڻ کان پوءِ دوائن ۾ ڪم اچي. ٿورو گول چپتڙو ميوو آهي. رنگ ناسي، ڳاڙهو ۽ آسماني ملاوٽ تي ٿئي. انجير جي ڳر ۾ ٻج جا داڻا داڻا هوندا آهن. انجير ذائقي ۾ مٺو ٿئي ٿو. انجير جو وڻ سڀ کان پهريائين ڏکڻ عربستان ۾ پوکيو ويو. اُتان عرب ۽ پورچوگيز واپارين ذريعي وچ اوڀر، آمريڪا ۽ يورپ ۾ متعارف ٿيو. يونان ۾ انجير جي پوک 9 هجري کان اڳ شروع ٿي. نبي سڳوري جن کي انجير (ميوو) ڏاڍو پسند هو. پاڻ سڳورن فرمايو ته ”دنيا ته ڇا، پر جيڪڏهن جنت ۾ ڪنهن ميوي کي پسند ڪريان ها ته اهو صرف انجير آهي.“ پاڪستان ۾ انجير سرحد صوبي ۾ به جام ٿئي ٿو. تازي انجير ۾ 84 سيڪڙو پاڻي، هڪ سيڪڙو پروٽين، معدنيات ۽ تيزابيت هوندي آهي. سڪل انجير ۾ 17 سيڪڙو پاڻي، 4 سيڪڙو پروٽين، اڍائي سيڪڙو معدنيات ۽ 60 سيڪڙو کنڊ هوندي آهي. انجير ۾ ڪئلشيم، فولاد ۽ فاسفورس ڪافي مقدار ۾ هوندو آهي. چيو وڃي ٿو ته انجير جو شربت ڇاتيءَ واري بلغم کي صاف ڪري ٿو، جنهن سان نزلي، زڪام ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف گهٽ ٿئي ٿي. انجير رت ٺهڻ جي عمل کي تيز ڪري ٿو. رت جي ڪميءَ جو انجير مفيد علاج آهي. انجير ڄڻ ته مڪمل دوا آهي.[1]
پراڻي زماني ۾ انجير کي پهلوانن جي غذا جو اهم جزو سمجهيو ويندو هو. انجير مان شربت، جام، جيلي، مصري ۽ ڪريم وارا بسڪٽ ٺاهيا ويندا آهن. حڪيمن موجب انجير کي سياري جي موسم ۾ سُڪائي کائڻ سان توانائي وڌي ٿي. انجير اڌرنگ ۽ مرگهيءَ واري مريض کي پڻ فائدو ڏئي ٿو. پيشاب کي خلاصي نموني خارج ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڪيترين بيمارين جي علاج ۾ استعمال ڪندا آهن.[1]
هي ميوو هن ملڪ ۾ عام آهي. هن جا ٻه ٽي قسم ٿين ٿا. هڪڙا خاڪي رنگ جا ۽ ٻيا واڱڻائي رنگ جا. پر معلوم ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ گهڻن قسمن جا ٿين ٿا، ڪي اڇا ۽ ڪارا. ولايتي انجير به هندستان جي ڪن ڀاڱن ۾ پوکجن ٿا، اهي ته گولائيءَ ۾ ساڍا ڇهه انچ ۽ وزن ۾ ٻه آئونس (ٽراءِ ويٽ جا) ٿيندا آهن. ترڪي انجير به چڱا ٿيندا آهن. جتي گهڻا ٿيندا آهن اتي چپي، سڪائي، رکي ڇڏيندا آهن. يا ٻين ملڪن ڏي واپار لاءِ موڪليندا آهن. قنڌار جا سڪل انجيرته عام آهن.[2] انجير جو وڻ، سياري جي موسم وارن ٽن چئن مهينن ۾، پن ڇاڻي اگهاڙو ٿي بيهندو آهي. مارچ ۾، يعني بهار جي موسم ۾ وري تازا پن ڪڍي ٿو ۽ ٻور جهلي ٿو. جولاءِ ۾ ميوو پچائي ٿو. بعضي سال جي اندر ٻه ڀيرا به ميوو ڪڍندا آهن.[2] سياري جي موسم ۾ هتي جا مالهي انجيرن جي وڻن کي ڇانگ ڪندا آهن. جڏهن ميوو پچڻ لڳي تڏهن مَئو پاڻي ڏيڻ گهرجي. انجير جي لاءِ وارياسي زمين تمام چڱي آهي. انجير جو وڻ جلد وڌندڙ آهي. ٽارڙي وڍي کڻي زمين ۾ هڻبي آهي، ته ڦٽي پوندي آهي، مگر ڇانورو ۽ پاڻي سو هجيس.انجير کي انگريزيءَ ۾ فِگ چوندا آهن.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "انجير". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو