انجمن (انگريزي: Anjuman)، اردو زبان ۾ 1970ع ۾ ريليز ٿيندڙ پاڪستاني فلم ھُئي۔ ھن فلم کي سال 1970ع جي بھترين فلم جو نگار ايوارڊ مليو۔[1]

انجمن
هدايتون حسن طارق
رچنا صفدر مسعود
ستارا سنتوش ڪمار
صبيحہ خانم
وحيد مراد
راني
لھري
ديبا
تمنا
موسيقي نثار بزمي
ايڊيٽنگ الحامد
مهورت
  • جُولاءِ 31, 1970 (1970-07-31)
وقت دوران 3 گھنٽا
ملڪ پاڪستان
ٻولي اردو

فلم انجمن 31 جولاءِ، 1970ع ۾ نمائش جي لاءِِ پيش ٿي۔ ان فلم جا فلم ساز صفدر مسعود، ھدايت ڪار حسن طارق، مصنف آغا حسن امتثال، موسيقار نثار بزمي ۽ نغمہ نگار سيف الدين سيف، مسرور انور ۽ فياض ھاشمي ھيو. ھيءَ فلم انگريزي فلم بليو اينجل، ھندوستاني فلمن ڀائي جان ۽ بي نظير ۽ پاڪستاني پنجابي فلم دلاں دے سودے جي ڪھاڻي تي ٺاهي وئي ھئي پر حسن طارق پنهنجي ھدايت ڪاريءَ سان ان فلم کي سپر ھٽ بڻائي ڇڏيو ۔[1]

اداڪار سنواريو

موسيقي سنواريو

ھن فلم جي موسيقي معروف مسوسيقار نثار بزمي ترتيرب ڏني، جڏھن تہ نغما سيف الدين سيف، فياض ھاشمي ۽ مسرور انور پاران لکيا ويا۔ ھن فلم ۾ ميڊم نورجھان، رونا ليليٰٰ ۽ احمد رشدي پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو۔[1]

نغما سنواريو

نمبر شمار گانا گلوڪار / گلوڪارا
1 اظہار بھی مشکل ہے کچھ کہہ بھی نہیں سکتے ميڊم نورجھان
2 آپ دل کی انجمن میں حسن بن کر آ گئے رونا ليليٰ
3 دل دھڑکے میں تم سے یہ کیسے کہوں رونا ليليٰ
4 میری بھابھی تم جیو ہزاروں سال احمد رشدي
5 لگ رہی مجھے آج ساری فضا احمد رشدي

اعزاز سنواريو

انجمن مجموعي طور تي 8 نگار ايوارڊ حاصل ڪيا۔ ھي ايوارڊ جن شعبن ۾ حاصل ڪيا انھن ۾[1]:

نمبر شمار شعبو نالو ايوارڊ جو نالو
1 بھترين اردو فلم سال 1970ع صفدر مسعود نگار ايوارڊ
2 بھترين ھدايت ڪار حسن طارق نگار ايوارڊ
3 بهترين موسيقار نثار بزمي نگار ايوارڊ
4 بھترين نغمہ نگار مسرور انور نگار ايوارڊ
5 بهترين پس پردا گلوڪارا رونا ليليٰ نگار ايوارڊ
6 بھترين مزاحيا اداڪار لھري نگار ايوارڊ
7 بھترين آرٽ ڊائريڪٽر حبيب شاھ نگار ايوارڊ
8 بھترين تدوين ڪار الحامد نگار ايوارڊ

حوالا سنواريو

سانچو:نگار فلم اعزاز