استاد امجد علي خان (سرود نواز) 19 آڪٽوبر 1945ع ۾ گواليار ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد استاد حافظ علي خان گواليار درٻار سان وابسته هو. امجد علي خان سرود وڄائڻ جي تعليم پنهنجي پيءُ، وقت جي عظيم سرود نواز، پدم ڀوشن استاد حافظ علي خان کان حاصل ڪئي.[1]

موسيقي سنواريو

استاد امجد علي خان جو تعلق بين ڪارن جي ”سين“ گهراڻي سان آهي. سندس خاندان 6 پيڙهين کان وٺي موسيقيءَ سان لاڳاپيل آهي. گهڻو وقت اڳ سندس پرکن مان، پنهنجي وقت جو هڪ عظيم فنڪار، غلام بندگي خان بنگش، ڪابل مان رباب کڻي هندستان وارد ٿيو. غلام بندگي خان جي پٽ غلام علي خان هندستان جي موسيقيءَ کي نظر ۾ رکندي رباب کي سرود جي صورت ۾ تبديل ڪيو ۽ غلام علي خان جي خاندان مان ننهي خان، مراد علي خان، محمد امير خان ۽ استاد حافظ علي خان جيڪو استاد امجد علي خان جو پيءُ هو، پنهنجي وقت جا نامي گرامي سرود نواز گذري چُڪا آهن. استاد امجد علي خان جو پهريون يادگار پروگرام صرف 12 سالن جي عمر ۾ 1958ع ۾ منعقد ٿيو. سندس سرود تمام گهڻي تياريءَ سان وڄايل هوندو آهي. سندس باج به بي حد تاثير وارو آهي. استاد امجد علي خان هن دور جي ٻن عظيم سرود نوازن مان هڪ آهي. ٻيو سرود نواز استاد علي اڪبر خان آهي.[1]

پاڪستان جو دورو سنواريو

استاد امجد علي خان 1981ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو.[1]

اعزاز سنواريو

استاد امجد علي خان کي مليل ايورڊ ۽ اعزاز:1 پدم شري 1975ع (صرف 30 سالن جي عمر ۾)، 2 سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ 1989ع، 3 تانسين ايوارڊ 1989ع، 4 پدم ڀوشن 1991ع.[1]

حوالا سنواريو