الهنواز ولد محمد عرس رُڪڻائي، 10 مئي 1930ع تي ڳوٺ رُڪڻ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. نامور شاعر استاد بخاريءَ جو ننڍپڻ کان دوست ۽ همعصر ھو، ٻئي گڏ پڙهيا ۽ شاعري ڪيائون.گلشن منير ڪالوني دادوءَ ۾ رهندو هو.[1]

خدمتون سنواريو

سُٺو استاد، شاعر ۽ اديب هو. پرائمري استاد طور رٽائر ڪيائين. خانداني طرح ملاح هئڻ ڪري ٻيڙين ۽ درياهه سان واسطيدار معلومات ۾ وڏي ڄاڻ هئس. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ لاءِ ”درياهي ٻولي ۽ جيوت“ بابت هڪ ڪتاب لکيائين، جيڪو سندس ڄاڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جي ساک ڀري ٿو. اهو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو“ عنوان سان اٿارٽيءَ پاران 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل ۾ وڏو مددگار رهيو. ان سلسلي ۾ هن دادوءَ ۽ نوشهري ضلعي جي درياهي پتڻن، ڍنڍن، ڍورن، واهن، نئين، ٻيٽن ۽ ريٽن تي تفصيلي تحقيق ڪئي هئي. شاهه لطيف جو وڏو پارکو هو. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”ڇُليون منڇر ڇوليون“ 1998ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب، دادو تعلقي جي تاريخ تي ”دادو منهنجي دل“ 2007ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سنڌي ادبي سنگت ۽ استاد بخاري اڪئڊمي دادوءَ جو سرگرم ڪارڪن هو.[1]

وفات سنواريو

هو 13 فيبروري 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.