اعجاز جکراڻي

پاڪستاني سياستدان

مير اعجاز جکراڻي 5 مارچ 1957ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. 2008ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊون کٽڻ بعد وفاقي وزير صحت مقرر ٿيو. سندس تعلق جيڪب آباد سان آهي. هو پ پ پ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مير بابل جکراڻي جو پٽ آهي. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1984ع ۾ B.B.A ڪئي. شروع کان ئي وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. آمريڪا، انگلينڊ، هالينڊ، جرمني ۽ ميڪسيڪو جو سفر ڪيل اٿس. 2002ع وارين چونڊن ۾ ايم اين اي 208 تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو.[1]

حوالا سنواريو