ليکڪ ۽ محقق اشرف علي ولد حاجي عباس سمون، 5 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ’پيلوڙي سما‘ تعلقي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڏيپلي مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول جهڏي مان 1987ع ۾ پاس ڪيائين. انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان ۽ گريجوئيشن ڊگري ڪاليج ماتليءَ مان ڪيائين. اشرف علي سمي اٺين ڪلاس کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ٿر هڪ تشريحي ببليوگرافي“ (2004ع) ۽ ”تاريخ سنڌ“ (مولانا عبدالحليم شرر: ترجمو)، 2007ع شامل آهن. هن وقت گورنمينٽ پرائمري اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ پرائمري ماستر جي حيثيت سان ملازمت ڪري رهيو آهي. سندس ذاتي لائبريري ”شهيد مخدوم بلاول سمون لائبريريءَ“ ۾ پنج هزار کان وڌيڪ ڪتاب رکيل آهن. اشرف سمون ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورننس جو ميمبر بہ رهيو.[1]

حوالا سنواريو